اسلام آباد : جي يو آءِ جي سربراهه فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪڏهن مان اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف خلاف نڪري سگهان ٿو ته انهن خلاف به نڪري سگهان ٿو، هي غلامي نواز شريف ۽ شهباز شريف قبول ڪرڻ چاهين ٿا ته کين مبارڪ، اسان غلامي قبول نه ڪنداسين.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو تہ جيڪڏهن پيس بورڊ جي نقطن ۾ تبديليون ٿيون ته پوءِ توهان ڇو ويا؟ ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل جي جارحيت کي هٿي ڏئي رهيو آهي، جڏهن تہ ڊونلڊ ٽرمپ حماس کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو تہ افغانستان، عراق ۽ ليبيا کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو، اسرائيل ايران تي حملو ڪرڻ بعد تفتان جي سرحد تي اچي بيهندو، اسرائيل جي پهرين صدر چيو هو تہ اسان جي بنياد هڪ نئين اسلامي رياست جو خاتمو هوندي، انهن جا ارادا واضح آهن، ان باوجود بہ اسين ڊوڙي رهيا آهيون.
هن چيو تہ اوهين ڊونلڊ جي صورت ۾ هڪ بت کي راضي ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيو، آمريڪا توهان جي بنگال کي بہ نہ بچايو هو ۽ اڳتي بہ نہ بچائيندو، اوهين اهڙي فورم ڏانهن وڃي رهيا آهيو، جنهن جي شروعات ئي ڌمڪين سان ٿي رهي آهي.
فضل الرحمان چيو تہ دليل ڏنو وڃي ٿو تہ گڏيل قومن ۾ بہ اسرائيل شامل آهي، تہ پوءِ توهان جي پاسپورٽ تي اسرائيل وڃڻ تي پابندي ڇو آهي؟ اسان کي امن گهرجي، پر امن جا بہ ڪي اصول هوندا آهن، هر طرف معاشي ترقي ٿي رهي آهي، رڳو پاڪستان ٻڏي رهيو آهي، وزيراعظم پارليامينٽ ۽ ڪابينا کي اعتماد ۾ ناهي ورتو.
هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مان مشرف خلاف نڪري سگهان ٿو تہ توهان جي خلاف بہ نڪري سگهان ٿو، پاڻ پرڏيھي وزير چئي چڪو آھي تہ ٽرمپ جا شروعاتي نقطا اھا نہ ھئا، جيڪي طئي ٿيا ھئا، ڇا هاڻي اهي اعتراض ختم ٿي ويا ؟ ڇا بغير پڙهڻ جي صحيحون ڪيون ويون؟
جي يو آءِ جي سربراهہ چيو ته ڇا ٽرمپ انهن جي موجودگي ۾ اهو ناهي چيو ته جيڪڏهن حماس ھٿيار ڦٽا نہ ڪيا تہ تباهي مچائي ڇڏيندس؟
اسرائيل پاڪستان جي سرحدن ڏانهن وڌي رهيو آهي، اسرائيل جي پهرين صدر پاڪستان جي خاتمي کي منشور طور پيش ڪيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته حماس کي چٿڻ کانپوءِ ايران ۽ پوءِ ايران ۾ ويهي پاڪستان خلاف تياريون ڪيون پيون وڃن.
مولانا فضل الرحمان چيو تہ جيڪڏهن اسرائيل جي گڏيل قومن ۾ موجود هجڻ جي دليل تي ان سان گڏ ويهي سگهجي ٿو ته پوءِ پاڪستاني پاسپورٽ تي اسرائيل وڃڻ تي پابندي ڇو لڳائي وئي آهي؟ ايترو وڏو فيصلو ڪندي پارليامينٽ کان ڇو نہ پڇيو ويو؟ اڄ هي ايوان موجوده شرطن تي پيس بورڊ کي رد ڪري.
هن جو چوڻ هو تہ جيڪڏهن مان جنرل پرويز مشرف خلاف نڪري سگهان ٿو ته انهن خلاف به نڪري سگهان ٿو، جيڪڏهن هي غلامي نواز شريف ۽ شهباز شريف قبول ڪرڻ چاهين ٿا ته کين مبارڪ، اسان غلامي قبول نه ڪنداسين……….