نواز شريف ملڪ ۾ خدمت جي سياست کي ھٿي وٺرائي: وفاقي وزير عطا تارڙ

فہرستِ مضامین

لاھور: اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آھي تہ نواز شريف ملڪ ۾ خدمت جي سياست کي ھٿي ڏني.

لاھور ۾ پريس ڪلب ۾ ڪتاب جي مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ جو چوڻ ھو تہ پي ٽي آءِ ڪي پي جو جيڪو حال ڪيو آھي اھو ڏسو، ڪراچي کان پشاور ۽ گلگت کان گوادر تائين نواز شريف جا منصوبا آھن.

ھن چيو تہ سينيئر صحافين وچ ۾ موجودگي اعزاز آھي، صحافت ۽ صحافين سان پراڻو تعلق آھي، سازش ذريعي نوجوان نسل کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي.

وفاقي وزير چيو تہ نوجوانن جي ذھنن ۾ نواز شريف بابت زھر ڀريو ويو، نواز شريف ملڪ ۾ خدمت جي سياست کي ھٿي وٺرائي، ترقي جي ھر منصوبي تي نواز شريف جو نالو لکيل آھي.

عطا تارڙ چيو تہ ڪنھن سياسي جماعت آءِ ايم ايف کي خط نہ لکيو، پي ٽي آءِ ملڪ ۽ معيشت کي شديد نقصان پھچايو، پي ٽي آءِ ڪردار ڪشي ۽ نفرت جي سياست کي ھٿي وٺرائي.

هن چيو تہ پاڪستان عالمي سطح تي انتهائي اهميت رکي ٿو، دنيا جا سربراهہ نواز شريف جو سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪن ٿا، باغي پي ٽي آءِ چيئرمين جڏھن ڪرين مان ڪري پيو تہ نواز شريف ميٽنگ گھرائي، زخمي ٿيڻ تي ن ليگ پنهنجا جلسا ملتوي ڪري ڇڏيا ھئا ۔

وفاقي وزير چيو تہ نواز شريف باني پي ٽي آءِ جي طبعيت معلوم ڪرڻ لاءِ اسپتال ويو، اپوزيشن ۾ ھو تہ قومي اسيمبلي ۾ ميثاق جمھوريت جي ڳالھ شھباز شريف ڪئي تہ جئين ملڪي معيشت کي استحڪام ملي تہ ان تي چيو ويو اين آر او گھري رھيا آھن…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں