نوابشاهه پوليس جو ڪچي ۾ ريسڪيو آپريشن، ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٽن ٿاڻن تي ترسايو ويو آهي، متاثرن کي کاڌ خوراڪ به مهيا پيا ڪريون: ايس ايس پي شبير سيٺار

فہرستِ مضامین

نوابشاهه: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي ھدايتن تي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سنڌ پوليس حرڪت ۾ اچي وئي آھي، نوابشاھ پوليس ڀريا سٽي جي ڪچي ۾ پاڻيءَ ھيٺ اچي ويل ڳوٺن ۾ ريسڪيو آپريشن ڪندي ڪيترن ئي ماڻھن کي ٻاھر ڪڍي ورتو آھي.

ايس ايس پي شبير سيٺار جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس اٽالا ٻيڙين تي سوار ٿي متاثر ڳوٺن ۾ پھتا، پوليس اھلڪارن پاران متاثر ڳوٺاڻن کي ٻيڙين جي مدد سان پڪي تي منتقل ڪيو ويو.

ايس ايس پي شبير سيٺار ڊبليو ٽي اين نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ڳوٺاڻن جي رھائش لاءِ 3 ٿاڻا سندن حوالي ڪيا ويا آھن، ھن چيو ته مڏ باھو، ناصري ۽ لاکاٽ ٿاڻن تي ترسايل ٻوڏ متاثرن جي کاڌي پيتي جو بندوبست به ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں