نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اھم اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي دوري تي پھچي ويو آھي.
سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي، پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار رياض پھچي ويو آھي جتي ھو علائقي جي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو۔
اجلاس دوران نائب وزيراعظم علائقي جي برادر ملڪن جي علاقائي سلامتي، خودمختياري ۽ سياسي آزادي لاءِ مڪمل حمايت جو اظهار ڪندو ۽ انهن جي علائقن تي ٿيندڙ حملن کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندو۔
اسحاق ڊار جاري تڪرار جي ترت خاتمي لاءِ پاڪستان جي موقف کي ٻيهر ورجائيندي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ڏانهن واپسي جي ضرورت تي زور ڏيندو۔
محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي اجاگر ڪندو ۽ علائقي کي درپيش سنگين سيڪيورٽي بحران جي حل لاءِ پاڪستان جو اهم ڪردار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪندو۔…