مڙس حق مھر ۾ لکيل شيون گھرواري کي ادا ڪرڻ جو پابند آھي : چيف جسٽس

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي تہ نڪاح نامي ۾ حق مھر طور جيڪي شيون لکيل آهن، مڙس انهن جي ادائيگي جو پابند آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٻہ رڪني بينچ ڏاج ۽ حق مُھر بابت داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏنا تہ حق مُھر ۾ 40 تولا سون تمام گهڻو آهي، سندس موڪل 20 تولا سون ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا تہ جيڪڏھن سون 20 تولا کان وڌايو وڃي تہ شايد عورت ٺاه لاءِ تيار ٿي وڃي، اهڙن معاملن ۾ عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي.

چيف جسٽس پاڪستان وڌيڪ چيو تہ جڏھن عورت سان شادي ڪئي وڃي ٿي تہ نڪاح نامي موجب ادائيگي لازم هوندي آهي، مڙس حق مھر ۾ لکيل سڀ شيون پنهنجي زال کي ادا ڪرڻ جو پابند آهي.

دليل ٻڌڻ بعد عدالت  ڏاج۽ حق مھر بابت داخل مختلف درخواستون خارج ڪري ڇڏيون….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں