رپورٽ:اعجازبجير/مٺي: مٺي تعلقي جي ڳوٺ جهپيو جي سيم ۾ ناياب نسل جي چڻڪارا هرڻ جي شڪار جو واقعو پيش آيو آھي، معلوم ٿيو آهي ته شڪاري شڪار ڪيل ھرڻ کي اُتي ئي ڇڏي فرار ٿي ويا آھن.
ڳوٺاڻن سرزمين تي پيل ھرڻ کي هٿ ڪري جهنگلي جيوت کاتي جي اختيارين کي اطلاع ڪيو، ڳوٺاڻن موجب شڪار ٿيل ھرڻ جي شڪارين جا پيرا سرزمين تي نظر اچن ٿا
هوڏانهن وائلڊ لائيف کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر موجب اسان جي ٽيم واقعي واري هنڌ ڏانهن نڪتل آهي جاچ ڪري ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي
ٻئي طرف وسڪاري ۾ ناياب نسل جي شڪار تي سڄاڻ ڌرين ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي قسم جي شڪار تي پابندي لڳل آهي کاتو ڪردار ادا ڪري ناياب نسل جي جانورن ۽ پکين جي شڪار تي مڪمل پابندي لڳائي، ٻڌايو پيو وڃي ته ھرڻ ڪجھ ڏينھن اڳ جو شڪار ڪيل لڳي رهيو آهي.