ميھڙ:رپورٽ_ عبدالله سومرو:ـ ميھڙ ۾ ڊي ايس پي آفيس ڀرسان جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ پيءُ پٽ مارجي ويا آھن.
پوليس موجب ھٿياربندن دڪان تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ راڌڻ واسي بخشل جانوري ۽ سندس پٽ عجيب الرحمان جانوري مارجي ويا.
ڊي ايس پي ميھڙ معشوق ڪيريو ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن طارق لاکير جي اڳواڻي ۾ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، جتان پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس موجب واقعو پراڻو تڪرار ٻڌايو پيو وڃي.