خيرپور: پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل ھيلٿ سائنس نوابشاھ جي شاگردياڻي سڪينہ ملڪ الزام ھنيو آھي تہ کيس ھاسٽل مان اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آھي، شاگردياڻي ٿاڻي تي شڪايت داخل ڪرائڻ بعد عدالت سان پڻ رابطو ڪري ورتو آھي.
شاگردياڻي جو تعلق خيرپور جي علائقي پڪا چانگ غريب آباد ڪالوني سان آھي، سندس الزام آھي تہ احسان آرائين نالي جوابدار ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي پنھنجي دوستن سان گڏجي ظلم جو نشانو بڻايو.
سڪينہ شادي جو واعدو ڪيو ھو: الزام ھيٺ آيل جوابدار جو موقف
ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل احسان آرائين ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو تہ سڪينہ ساڻس 8 سالن کان رابطي ۾ آھي ۽ شادي ڪرڻ جو واعدو ڪري چڪي آھي، ھوءَ چاھي ٿي تہ پنھنجي پھرين گھر واري کي طلاق ڏيان، ايئن نٿو ڪري سگھان، بليڪ ميل ڪري رھي آھي.
سڪينہ خيرپور جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي تہ جوابدار احسان زندگي تنگ ڪري ڇڏي آھي، پوليس کي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
ھن چتاءُ ڏنو تہ جيڪڏھن ساڻس انصاف نہ ٿيو تہ ھوءَ زندگي جو انت آڻي ڇڏيندي.