آمريڪي ملٽي نيشنل ٽيڪنالوجي ڪمپني ميٽا آرٽيفيشل انٽيلجنس لاءِ گھربل انفرا اسٽرڪچر تي سيڙپڪاري لاءِ 2 ارب ڊالرز جا ڊيٽا سينٽر اثاثا وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ جي مالڪ ڪمپني اھڙو فيصلو وڌندڙ خرچن جي ڪري ڪيو آھي، ڪمپني موجب ھاڻي انھن جو سمورو ڌيان آرٽيفيشل انٽيلجنس ڏانھن آھي، ڇو جو سموري دنيا جو لاڙو ان طرف ٿي رھيو آھي.
پرڏيھي خابرو اداري رائيٽس جي ھڪ رپورٽ موجب ميٽا جي پليٽ فارمز ( ميٽا او META.O ) آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اَي آءِ) کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ وڏي پئماني تي انفرا اسٽرڪچر لاءِ پرڏيھي ڀائيوارن کي شامل ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آھن. ھڪ رپورٽ ۾ ڪمپني انڪشاف ڪيو آھي تھ 2 ارب ڊالرز جي ماليت جا ڊيٽا سينٽر اثاثو وڪرو ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آھي.
ھيءَ حڪمت عملي ٽيڪنالوجي جي وڏي ڪمپني ۾ ھڪ وڏي رجحان کي ظاھر ڪري ٿي، جيڪا پھرين ترقي لاءِ مالي خرچن جي معاونت ڪندي ھئي پر ھاڻي آرٽيفشل انٽيلجنس بابت ڊيٽا سينٽرز جي تعمير ۽ ان کي ھلائڻ لاءِ وڌندڙ خرچن کي منھن ڏئي رھي آھي.
سوشل ميڊيا جي ھن ديو ڪمپني ھلندڙ ھفتي جي شروعات ۾ چيو ھو تھ پارٽنرز سان گڏجي ڊيٽا سينٽرز کي ترقي ڏيڻ لاءِ نوان طريقا ڳولھي رھيا آھيون تھ جيئن ايندڙ سال وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي.
ميٽا جي سي ايف او جي پريس ڪانفرنس
ميٽا جي چيف فنانشل آفيسر سوسن لي مالي نتيجن جي حوالي سان ڪوٺايل ھڪ ڪانفرنس ۾ چيو ته ھو مالياتي ڀائيوارن سان گڏجي ڊيٽا سينٽرز جي گڏيل ترقي جا امڪان ڳولھي رھيا آھن، ڪمپني اڃا بھ پنھنجا خرچ پاڻ پورا ڪرڻ جي اميد رکي ٿي، سوسن لي چيو تھ ڪجھھ منصوبا نمايان پرڏيھي سيڙپڪاري حاصل ڪري سگھن ٿا، جيڪي وقت سان انفرا اسٽرڪچر جي ضرورتن ۾ تبديلي جي صورت ۾ لچڪ فراھم ڪندا.
ھن چيو تھ ھن وقت ڪمپنيءَ وٽ ڪو حتمي معاھدو ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ لاءِ ڪجھ ناھي.
انسٽا گرام ۽ واٽس ايپ جي مالڪ ڪمپني پنھنجي سالياني سيڙپڪاري خرچن جي ڪاٿي کي گھٽ ۾ گھٽ حد تائين 2 ارب ڊالرز مان وڌائي 66 ارب ڊالرز کان 72 ارب ڊالرز تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي.
ڪمپني اميد کان وڌيڪ بھتر اشتھار وڪرو ڪرڻ جي اميد ظاھر ڪئي، جنھن جو وڏو ڪارڻ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان بھتر ھدف بندي ۽ مواد پھچائڻ آھي. ايگزيڪيوٽو بورڊ جو چوڻ آھي تھ بھتر ۽ ڊگھي مدي وارو اَي آءِ منصوبو انفرا اسٽرڪچر جي وڌندڙ خرچن کي جزوي طور تي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪري رھيو آھي.
اربين ڊالرز جي سيڙپڪاري چاھيون ٿا
ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ زڪربرگ پنھنجو پلان ٻڌائيندي چيو تھ ھو اربين ڊالرز آرٽيفيشل انٽيليجنس ڊيٽا سينٽرز جي قيام تي سيڙپ ڪرڻ چاھين ٿا، جنھن جي لاءِ ھنن پلان تيار ڪيو آھي، جيڪو اڳتي ھلي ڪري سامھون آڻي سگھجي ٿو.
آمريڪي ملٽي نيشنل ٽيڪنالوجي ڪمپني ميٽا جون سڀ کان وڌيڪ فعال ايپليڪشن واٽس ايپ ۽ انسٽا گرام آھن، ٻنھي ڪمپني جا صارفين 2 ارب کان وڌيڪ آھن، واٽس ايپ ۽ انسٽا گرام 180 ملڪن ۾ ھلي رھيون آھن.