ڪيس جو پس منظر: ام رباب چانڊيو قانون جِي شاگردياڻي آهي، 17 جنوري 2018 تي ميهڙ ۾ ام رباب جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي کي گهر ٻاهران قتل ڪيو ويو هو، سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جوابدار طور نامزد ٿيل آهن، عدالت ٽرائل ڪورٽ کي جلد معاملو اڪلائڻ جو حڪم ڏنو پر گذريل پنجن سالن ٻڌڻيون هلي رهيون آهن
دادو جي ماڊل ڪرمنل عدالت ۾ اڄ معمول کان وڌيڪ هلچل هئي، سيڪيورٽي ۾ به وڏي تبديلي نظر آئي، پوليس سان گڏ وڏين شهپرن وارا خانگي گارڊ به آيل هئا، اوچتي عدالتي ڪمري مان آواز آيو، فريادي ۽ جوابدار حاضر ٿين.
ڪيس جي فريادڻ ام رباب چانڊيو ۽ پرويز چانڊيو سخت سيڪيورٽي ھيٺ عدالت پهتا، جڏهن ته ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪيل سردار احمد چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار به پروٽوڪول ۾ عدالت آيا، سردار احمد چانڊيو ۽ ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو کي تلاشي بعد عدالت ۾ ڇڏيو ويو.
عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدار طور ڪيس ۾ نامزد ڪيل ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو خلاف انڪوائري آفيسر ايگزاميشن مڪمل ڪئي، سردار خان چانڊيو، برهان خان ۽ ٻيا جوابدار حاضري لڳائي ٻاهر نڪتا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ثبوت ڏئي چڪا آهيون، هاڻ جج فيصلو ٻڌائي: ام رباب

ڪيس جي فريادڻ ام رباب چانڊيو عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، هُن ٻڌايو ته جرح مڪمل ٿي چڪي آهي، قانون جي شاگردياڻي جي حيثيت سان سمجھان ٿي ڪيس ھلڻ کان ھن وقت تائين جيڪي ثبوت پيش ٿيا اُھي ڪافي آھن.
عدالت ۾ سڀ ثبوت پيش ڪري چڪا آهيون، عدالت ڪيس تڪڙو اڪلائي ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلو ٻڌائي، منهنجي زندگي کي خطرو آھي، سردار ڊيڄارين ٿا پر مان سر تي ڪفن ٻڌي ڪورٽ اچان ٿي، بابا، ڏاڏا ۽ چاچي جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين جدوجهد ڪندي رهنديس.
ڪيس فائنل آهي بس رڳو ام رباب ننڊ مان نه جاڳي پوي: سردار چانڊيو
سردار احمد خان چانڊيو جو تعلق سنڌ ۾ حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي، ام رباب جو به سندس قبيلي سان تعلق آهي، عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ٻئي ڌريون صحافين سان ضرور ڳالهائينديون آهن ۽ ٻڌڻي جا تفصيل شيئر ڪنديون آهن

سردار احمد چانڊيو عدالتي ڪمري مان ٻاهر نڪتو ته صحافين کائنس سوال ڪيا، هن وراڻيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڪيس فائنل آهي، عدالت کي فيصلو ٻڌائڻ گهرجي پر جيڪڏهن ام رباب چانڊيو اوچتي ننڊ مان جاڳي ڪا ٻِي درخواست نه ڏئي.