فون جو ڪوڊ نه ٽٽو، والد آپگھات واري دعويٰ رد ڪندي قتل جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
ڪراچي (بيورو رپورٽ) گلستان جوهر مان نوجوان مير رضا جي لاش ملڻ واري ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. سنڌ جي دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) مير رضا جي اسمارٽ واچ ان لاڪ ڪري ورتي آهي، جنهن مان پوليس کي مالي ڏيتي ليتي سميت ٻي اهم معلومات ملي آهي.
ذريعن موجب، مير رضا جي موبائل فون ۽ اسمارٽ واچ مان ڊيٽا ڊليٽ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته جاچ دوران فون جو سيڪيورٽي ڪوڊ ٽوڙڻ ۾ ڪاميابي نه ملي. البت اسمارٽ واچ ان لاڪ ٿيڻ کانپوءِ ان مان ڪجهه اهم معلومات حاصل ڪئي وئي آهي، جيڪا جاچ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
هوڏانهن پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد چيو آهي ته ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ بابت ڪجهه سوال موجود آهن ۽ ڊاڪٽر طرفان ڪڍيل نتيجا تصويرن سان مڪمل طور مطابقت نٿا رکن. هن چيو ته نه پوليس سرجن جي ٽيم ۽ نه ئي ڪرائيم سين يونٽ مير رضا جي هٿن تان گن پائوڊر جا نشان چيڪ ڪيا هئا.
ڊاڪٽر سميعه سيد موجب، وڌيڪ جاچ ذريعي اهو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته لاش تي موجود نشان تشدد جا آهن يا لاش جي خراب ٿيڻ (ڊي ڪمپوز ٿيڻ) سبب پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته ٻيهر پوسٽ مارٽم سان وڌيڪ حقيقتون سامهون اچي سگهن ٿيون، پر هن مرحلي تي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ ممڪن ناهي.
ٻئي طرف مير رضا جي والد حسين رضا دعويٰ ڪئي آهي ته سندس پٽ جي موت کي آپگھات جو رنگ ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته حقيقت ۾ سندس قتل ڪيو ويو آهي. هن الزام هنيو ته مير رضا جي چهري، جسم ۽ هٿن جا فنگر پرنٽ به ساڙيا ويا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سندس پٽ کي پٺيان کان گولي هنئي وئي، پر ميڊيڪل رپورٽ ۾ صرف گولي لڳڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، تشدد بابت ڪا به وضاحت ناهي. سندس چوڻ هو ته مير رضا 28 جولاءِ تي گهر مان نڪتو هو ۽ 29 جولاءِ تي لاش ملي، تنهن ڪري ان وچ واري وقت بابت به مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.
مير رضا جي والد ٻڌايو ته گهر ڇڏڻ وقت سندس پٽ پنهنجي ڀيڻ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جڏهن ته ٽيڪسي ڊرائيور موجب مير رضا خوشگوار موڊ ۾ هو ۽ گاڏي ۾ گانا ٻڌي رهيو هو. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪيس جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي.