ميرپور ماٿيلي ۾ ھڪ وڌيڪ صحافي ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو آھي.
پوليس موجب طفيل حيدراڻي کي معصوم ٻارڙن سامھون گولين جو بک بڻايو ويو، 4ورھين جي نينگري جو ھانءُ ڦاٽي پيو، صدمي ۾ فوت ٿي وئي.
پوليس موجب طفيل حيدراڻي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ پئي ويو تہ ھٿياربندن جروار لنڪ روڊ تي کيس نشانو بڻايو
وڏي وزير مراد علي شاھ نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي
مراد علي شاھ چيو آھي تہ صحافي جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي