ميرپور ماٿيلو ۾ پوليس جي رٽائرڊ ڊي ايس پي جو لاش ھٿ: ” بابا طبيعت ڏيکارڻ ويو هو، کيس ماري واهه ۾ لوڙهيو ويو“: پٽ جو الزام

فہرستِ مضامین

ميرپور ماٿيلو( رپورٽ:  عمر ڪورائي) ميرپور ماٿيلو ويجھو رٽائرڊ ڊي ايس پي جو واھ مان لاش ھٿ آيو آھي، سندس پٽ پنھنجي ئي چاچن يعني فوتي جي ڀائرن تي ملڪيت جي تڪرار تان قتل جو الزام ھڻندي واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آھي..

ڊبليو ٽي اين سان ڳالهائيندي وارثن ٻڌايو ته داد لغاري واسي رٽائرڊ ڊي ايس پي عبدالصمد سومرو گذريل ڏينھن کان گم ھو، سندس ڪالھه کان ڳولا جاري هئي، آچر ڏھاڙي منجھند ڌارا سندس لاش ملڻ جو اطلاع مليو.

پوليس موجب کين اطلاع مليو ته بخاري پل وٽان واھه مان ھڪ لاش لڙھندو پئي ويو، جنھن کي سول اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو ويو، جتي فوتي جي سڃاڻپ رٽائرڊ ڊي ايس پي عبدالصمد جي نالي سان ٿي..

وارثن قتل جو شڪ ظاھر ڪري ڇڏيو

پوليس رٽائرڊ ڊي ايس پي عبدالصمد جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، موقعي تي پھتل وارثن قتل جو خدشو ظاھر ڪري ڇڏيو آھي.

فوتي جي پٽ سجاد سومرو اسپتال ۾ ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي الزام ھنيو ته سندن پنھنجي ئي چاچن سان ملڪيت تي تڪرار ھلندڙ ھو، جنھن تان مختلف وقتن تي سندن پيءُ کي ڌمڪيون ڏيندا ھئا، کين شڪ آھي ته چاچن ئي سندن پيءُ کي قتل ڪيو آھي..

رٽائرڊ ڊي ايس پي جي پٽ چيو ته سندن والد کين اھو ئي چئي نڪتو ھو ته ھـُو طبيعت ڏيکارڻ لاءِ وڃي رھيو آھي، جنھن بعد ھن اچڻ ۾ دير ڪئي ته کين پريشاني ٿي، جنھن جي مسلسل ڳولھا ڪئي پر  ھو ھٿ نه اچي سگھيو.، سندس لاش واهه مان هٿ اچڻ تي شڪ يقين ۾ تبديل ٿيڻ لڳو.

قتل ڪري لاش کي لوڙھي حادثي جو رنگ ڏيڻ جو الزام

وارثن موجب آچر ڏھاڙي کين خبر پئي ته لاش مليو آھي، کين شڪ آھي ته عبدالصمد کي قتل ڪري سندن لاش واھه ۾ لوڙھي واقعي کي ٻڏي مرڻ جو رنگ ڏنو ويو آھي، ھو چاھين ٿا ته پوليس واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪري، جيئن واقعي جون اصل حقيقتون سامھون اچي سگھن..

پوليس جو چوڻ آھي ته وارثن فوتي جي وارثن پنھنجي ئي چاچن تي قتل جو الزام ھنيو آھي، واقعي جي ھر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جيڪي به حقيقتون سامھون اينديون اھي جلد سامھون عوام آڏو رکيون وينديون..

پوليس جو  چوڻ آھي ته  وارثن ٻڌايو ته فوتي جو پنھنجي ڀائرن سان زمين جي ملڪيت تي تڪرار ھلندڙ ھو، جاچ ۾ ان عنصر کي به شامل ڪيو ويندو، ضرورت پئي ته الزام ھيٺ آيل جوابدارن کان به پچا ڳاڇا ڪري سگھجي ٿي..

پوليس ٻڌايو ته فوتي جي وارثن جيڪڏھن قتل ڪيس داخل ڪرايو ته ان جي بنياد تي جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو.عبدالصمد سومرو سنڌ پوليس جو رٽائرڊ ڊي ايس پي ھو،  ھو مختلف پوليس اسٽيشن تي مقرر رھيو ھو، سندس آخري پوسٽنگ ڪراچي ۾ ھئي..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں