ميرپور خاص ۾ ناري نيھا جي قتل الزام ۾ سندس ماءُ سميت 4 ڄڻا  گرفتار، ”جاچ ۾ پتو پيو تہ موت طبعي ناھي، والدين ناري کي قيد رکي تشدد ڪندا ھئا“ پوليس جو موقف

فہرستِ مضامین

ميرپور خاص پوليس ناري نيھا جي قتل الزام ۾ سندس امڙ سميت چئن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي، نيھا مغل جو 5 ڏينھن اڳ سندس گھر مان لاش مليو ھو، پوليس دعويٰ ڪئي آھي تہ شروعاتي جاچ مان پتو پيو تہ نيھا جو موت طبعي نہ ھو، سندس ڳلي ۽ ھٿن تي زخمن جا نشان مليا آھن، ناري جي قبر ڪشائي بعد پتو پوندو تہ سندس موت ڪيئن ٿيو؟

ياد رھي تہ موت جو شڪار ٿيل ناري نيھا مغل جو سھيلي سان ڪيل چيٽ آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو ھو، جنھن ۾ ھوءَ پنھنجي سھيلي کي ٻڌائي رھي آھي تہ ” ھوءَ گھر مان ڪيئن نڪرندي؟ سندس والدين کيس ڪونہ ڇڏيندا“.

نيھا جي والدين واقعي تي خدشا ظاھر ڪرڻ بدران نيھا جي موت کي طبعي قرار ڏنو ھو پرپوليس کي جاچ دوران اھم شاھديون مليون ۽ سوشل ميڊيا تي آڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس اختيارين اِن معاملي کي مختلف رخن سان جاچڻ شروع ڪيو.

پوليس نيھا جي والدين کي ڇو حراست ۾ ورتو؟

محمود آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحيم گوپانگ ، سرڪار جي مدعيت ۾ ناري نيھا جو لاش ملڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ھو.

ايس ايس پي ميرپورخاص جاچ ڪميٽي قائم ڪئي، جنھن جي مختلف رخن سان جاچ ڪرڻ بعد نيھا امڙ عاشي، اسپتال مان بنا پوسٽ مارٽم جي لاش کڻائي ويندڙ عورت صائما مغل، فرمان مغل ۽ صابر مھر کي حراست ۾ ورتو، جن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

محمود آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او رحيم گوپانگ جي مدعيت ۾داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو تہ فوتڻ پاران پنھنجي سھيلي کي ڪيل وائيس ميسيج مان ظاھر ٿيو آھي تہ سندس والدين کيس گھر اندر قيد ڪندا ھئا ۽ کيس مارڪٽ ڪندا ھئا. ايف آءِ آر موجب فوتڻ جو موت قدرتي نھ پيو لڳي. ھوڏانھن ذريعن موجب وومين پوليس فوتڻ جا وائيس ميسيج ظاھر ڪندڙ سندس سھيلي جي گھر تي ڇاپو ھڻي سندس موبائل پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

نيھا جي ڳلي ۽ ھٿن تي زخمن جا نشان آھن

ايس ايس پي پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جي ميمبر ايس ايڇ او حق نواز جوڻيجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ مختلف طريقن سان معاملي جي جاچ ڪئي وئي آھي، جنهن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ناري جو موت طبعي ناهي، جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته وارثن پاران ناري کي قيد ڪري رکيو ويندو هو ۽ والدين پاران تشدد به ڪيو ويندو هو. ايس ايڇ او موجب ناري جي موت جو ڪارڻ قبرڪشائي بعد پوسٽ مارٽم مان معلوم ٿي سگھندو پر شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آھي تہ ناري جي ڳلي ۽ هٿن تي زخم جا نشان موجود هئا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں