ميرپورخاص کانپوءِ حيدرآباد ۾ بہ سرڪاري ملازمن جو وڏو پاور شو”موت قبول پر پوئتي نہ ھٽنداسين“ وزير اعليٰ ھائوس جي گھيراءُ جو چتاءُ

فہرستِ مضامین

رپورٽ: عبدالغفور سروھي/حيدرآباد:  ميرپورخاص کانپوءِ حيدرآباد ۾ بہ سرڪاري ملازمن جو وڏو پاور شو ٿيو آھي، سنڌ امپلائيز الائنس جي سڏ تي ھزارين ملازم رستن تي نڪري آيا آھن، پينشن ۾ پنجاھ سيڪڙو ڪٽوتي خلاف نعريبازي ڪئي آھي.

سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي پينشن ۾ ڪٽوتي ۽ ٻين مراعتن ۾ گهٽتائي خلاف سرڪاري ملازم مرد ۽ عورتون روڊن تي نڪري آيا.

 شهباز بلڊنگ ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ روينيو، تعليم، صحت، زراعت ۽ ايريگيشن سميت ڪيترن ئي کاتن جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ملازمن شهباز بلڊنگ کان گل سينٽر تائين احتجاجي ريلي به ڪڍي ، جنهن ۾ عورت ملازمن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.

ملازمن جو چوڻ هو ته پينشن ۾ ڪٽوتي ملازمن جي نڙي تي لت برابر آهي، جيڪا ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، ملازم اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ آخري حد تائين وڃبو.

سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي تعليمي ادارن سميت سمورين سرڪاري آفيسن ۾ تالا بندي ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب شهر ۾ انتظامي ۽ تعليمي سرگرميون معطل ٿي ويون.

مظاھرين چيو تہ 3 صوبا پنھنجن ملازمن کي ڊي آَر اي ۽ ٻيون سھولتون پيا ڏين، پر سنڌ سرڪار پينشن تي بہ ڌاڙو ھڻي رھي آھي، حڪومت مطالبا نہ مڃيا تہ ڪراچي پھچي سي ايم ھائوس جو گھيراءُ ڪنداسين.

حڪومت اسان جا خاندان رلائيندي تہ ڳچي ۾ پونداسين

سرڪاري ملازمن جي احتجاج ۾ عورت ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان ڪيترن ئي مھينن کان سراپا احتجاج آھيون، اسان جي پنھنجي سنڌ حڪومت جي ڪن تي جوءِ بہ نٿي چري، سرڪار کي ياد رکڻ گھرجي تہ توھان کي وري ايوانن مان لھڻو پوندو، وري ووٽ وٺڻ لاءِ اچڻو پوندو، توھان جڏھن اسان جا خاندان رلائيندئو تہ اھي ملازم اوھان جي ڳچيءَ ۾ پوندا.

عورت چيو تہ حڪومت سندن مطالبا تسليم ڪري جيڪڏھن ڳالھہ نہ مڃي وئي تہ پوءِ ڪراچي ۾ دمام دم مست قلندر ڪنداسين.

ھڪ ٻي ملازم ٻڌايو تہ اسان جي احتجاج جو بنيادي مقصد آھي اُھو پينشن ريفارمز، سنڌ جي سرڪاري ملازمن جو اِھو معاشي قتل آھي، پينشن ريفارمز کي سنڌ جا ساڍا 6 لک سرڪاري ملازم رد ڪن ٿا.

ملازمن جا ڪھڙا مطالبا آھن؟

ملازمن موجب سندن چار مطالبا آھن، پينشن ريفارمز جي نالي تي لاڳو ڪيل ڪارو قانون جيڪو فوري طور ختم ڪيو وڃي، ٻين صوبن جيان سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي ڊي آر اي ڏني وڃي، گروپ انشورنس ۽ ٻيا فنڊز ڏنا وڃن.

ملازم ٻڌايو تہ سنڌ حڪومت ھڪ پاسي چوَي ٿي تہ اِھو آءِ ايم ايف جو شرط آھي، تنھنڪري سرڪاري ملازمن بابت اھڙا فيصلا ڪرڻا پون ٿا، ٻئي پاسي اُھا ساڳي حڪومت پنھنجي وزيرن جون 400 سيڪڙو پگھارون وڌائي ٿي، اسيمبلي ميمبرز جي پگھارن ۾ غير معمولي اضافوٿئي ٿو.

ملازم ٻڌائي ٿو تہ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ايڊوائزري پڙھي ڏسو تہ اُن ۾ واضح ٿيل آھي تہ وڏي وزير کي ڪيترا صلاحڪار ۽ مددگار رکڻا آھن، پر حقيقت ۾ ڏسو تہ وڏي وزير جي صلاحڪارن ۽ مددگارن جي فوج ڀرتي ٿيل آھي.

سرڪاري ملازمن جي تنظيم جي اڳواڻ سيد اسرار احمد شاھ  ٻڌايو تہ اسان جي صبر ختم ٿي رھيو آھي، حڪومت ڪوبہ ايڪشن نٿي وٺي، اسان سان جوائننگ آرڊر ۾ معاھدي ۾ سڀ ڪجھ ڪليئر لکيل آھي، حڪومت پنھنجين ڳالھين ۽ واعدن کان ڦري رھي آھي، ھزارين ملازمن جو قتل عام ڪنھن بہ ريت قبول نہ ڪيو ويندو.

ميرپور خاص ۾ سرڪاري ملازمن ڪھڙا مطالبا ڪيا ھئا

ان کان اڳ ميرپورخاص ۾ سنڌ امپلائيز الائنس جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف کاتن جي ملازمن طرفان وڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

مختلف کاتن جي ملازمن طرفان ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ سوين ملازم مرد توڙي عورتون بہ شريڪ ٿيون.

مظاھرين چيو تہ ھو ڪيتري ئي عرصي کان ملازم دشمن پينشن پاليسي، پگھارن ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن، پر ڪنھن بہ سندن دانھن ناھي ورنائي.

ھنن چيو تہ حڪومت پينشن پاليسي سميت ڪو بہ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. مظاھرين مطالبا تسليم نہ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪراچي ۾ ڌرڻو ھڻڻ جو چتاءُ ڏنو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں