ميرپورخاص : عورت سان مبينا زيادتي جي ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او جي عبوري ضمانت منظور

فہرستِ مضامین

ميرپورخاص جي عدالت  عورت سان مبينا لڄالٽ جي الزام ھيٺ آيل ايس ايڇ او جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي .

عورت سان مبينا لڄالٽ الزام ھيٺ آيل مھراڻ ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر سکر ھاءِ ڪورٽ مان گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت منظور ڪرائڻ بعد وڪيل معرفت ميرپورخاص جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او جي ھڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض 4 نومبر تائين عبوري ضمانت منظوري ڪري ورتي.

ان موقعي تي عدالت ٻاھران ڳالھائيندي اڳوڻي ايس ايڇ او چيو تہ مٿس لڳايل الزام ڪوڙا آھن، کيس عدالتن تي اعتماد آھي، ساڻس انصاف ٿيندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں