ميروخان ڀرسان جوابدار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مليل قسط جا پئسا نہ ڏيڻ تان بندوق جا فائر ڪري گھرواري کي قتل ڪري ڇڏيو
پوليس موجب ڳوٺ ميراڻي چانڊيا ۾ واقعو پيش آيو، جتي جوابدار غلام مصطفيٰ عرف مُصطو بندوق جا فائر ڪري پنھنجي 38 ورھين جي زال منظوران راھوجو کي قتل ڪيو.
اطلاع تي پوليس پھچي مقتولا عورت جو لاش تحويل ۾ ورتو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس موجب جوابدار غلام مصطفيٰ راھوجو بي آءِ ايس پي جي قسط جا مليل پئسا نہ ڏيڻ تان بندوق جا فائر ڪري گھرواري کي قتل ڪري فرار ٿي ويو۔