مياڻي ھور:آبي ۽ جھنگلي جيوت جي جنت، پاڪستان جو ٽيون محفوظ آبي علائقو قرار

فہرستِ مضامین

بلوچستان حڪومت مياڻي هور کي هڪ محفوظ آبي علائقو قرار ڏنو آهي ۽ ورلڊ وائيڊ فنڊ فار نيچر (ڊبليو ڊبليو ايف) اھڙي قدم جي آجيان ڪندي بلوچستان حڪومت جي تعريف ڪئي آهي.

بلوچستان ڪابينا 29 جولاءِ تي اڱاري ڏينھن ٿيل اجلاس ۾ صوبي جي ساحلي پٽي تي موجود مياڻي هور کي محفوظ آبي علائقو قرار ڏيڻ واري فيصلي جي منظوري ڏني. بلوچستان سميت پاڪستان جو هي ٽيون علائقو آهي جنهن کي محفوظ آبي علائقو قرار ڏنو ويو آهي.

بلوچستان حڪومت ان کان اڳ 2017 ۾ استولا ٻيٽ ۽ 2024 ۾ چورنا ٻيٽ کي  محفوظ آبي علائقو قرار ڏئي چڪي آھي.

ڪراچي کان ۹۰ ڪلوميٽر اولهه ۾ واقع مياڻي هور، پاڪستان جي ساحلي پٽيءَ تي موجود انھن ڪجهه هنڌن مان هڪ آهي، جتي مينگروز يعني تمر جا ٻيلا وڌي رھيا آھن.

مياڻي ھور ۾ تمر جا ٻيلا ۽ آبي توڙي جھنگلي جيوت جا انيڪ نسل موجود

ھي پاڪستان جو واحد علائقو آھي جتي ٽن قسمن جي تمر جا ٻيلا موجود آھن.

ھن علائقي کي ماھي گيري جو ميدان بھ سمجھيو وڃي ٿو، جتي وڏي انگ ۾ ماھيگير آباد آھن، ھنن جو گذر سفر مڇي مارڻ ۽ ان جي ٻين ذيلي ڪاروبارن تي ٿئي ٿو.

لسٻيلا ضلعي ۾ موجود مياڻي هور هڪ ڍنڍ آهي، جيڪا آبي جيوت جي انيڪ قسمن جي موجودگي سبب مشھور آھي، هتي وندر ۽ تاتيان نالي ٻه عارضي نديون بھ وھن ٿيون.

اھي نديون پنھنجي سامونڊي ماڳ جيان پنھنجن تيز وھڪرن سبب ڄاتيون وڃن ٿيون.

مياڻي هور ۾ ملندڙ پکين جي انيڪ قسمن جي ڪري، ان کي مئي 2001 ۾ رامسر سائيٽ بھ قرار ڏنو ويو. اھو ٽائيٽل ھن آبي علائقي جي بين الاقوامي اھميت کي اجاڳر ڪري ٿو.

مياڻي هور ۾ وڏي ايراضي تي پکڙيل تمر جي ٻيلن سبب بلوچستان حڪومت سيپٽمبر 2022 ۾ ھن کي محفوظ ٻيلو بھ قرار ڏنو ھو.

مياڻي هور جي  انيڪ رنگي جهنگلي توڙي آبي جيوت ۽ ھتان جو سامونڊي ماحولياتي نظام ڪيترن ئي خطرن کي منھن ڏئي رھيو آھي، جن ۾ غيرقانوني شڪار، ڇڙواڳ فشنگ ۽ موسمياتي تبديليءَ جھڙا خطرا شامل آھن.

ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جو خيال آهي ته مياڻي هور کي محفوظ آبي علائقو قرار ڏيڻ علائقي جي نازڪ ماحولياتي نظام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ڏانھن هڪ اهم قدم آهي. ڊبليو ڊبليو ايف هن سلسلي ۾ بلوچستان حڪومت جي ڪوششن جي واکاڻ بھ ڪئي.

ٻيون حڪومتون بھ بلوچستان جي نقش قدم تي ھلن: ڊبليو ڊبليو ايف

ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي سينئر ڊائريڪٽر رب نواز وفاقي حڪومت ۽ ٻين صوبائي حڪومتن کي اپيل ڪئي ته اھي بھ بلوچستان حڪومت جي نقش قدم تي هلن ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ محفوظ آبي علائقن جو اعلان ڪن.

رب نواز وڌيڪ چيو ته مختلف انساني سرگرمين ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري، اسان پنهنجا سامونڊي وسيلا وڃائي رهيا آهيون.

اهڙا قدم سامونڊي ماحولياتي نظام کي ٿيندڙ نقصان جي ازالي ۾ مدد ڪندا ۽ ايندڙ نسلن لاءِ سامونڊي زندگي جي تحفظ کي يقيني پڻ بڻائيندا.

ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان جي ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر محمد معظم خان جو چوڻ آهي ته مياڻي هور مڇين جي 200 قسمن، پکين جي 90 قسمن ۽ ڊولفن جي 3 قسمن جو گهر بڻيل آهي.

اها ھجرت ڪندڙ توڙي مستقل رهائش پذير پکين ٻنهي لاءِ هڪ اهم پناھگاھ آھي.

توھان کي ھتي مغربي پکين جون جنسون جهڙوڪ؛ گريٽ وائيٽ پيليڪن، ڊيمسلفلي پيليڪن، گريٽر فليمنگو، ڊيموائيزيل ۽ عام ڪرين يا ٻگھھ ۽ ڪَنگ بھ ڏسڻ لاءِ ملندا.

مياڻي ھور ۾ فشنگ کانسواءِ ماحولياتي سياحت بھ مشھور ٿي رھي آھي، هاڻي وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڊولفن ۽ پکي ڏسڻ، پڪنڪ ڪرڻ، واريءَ جي ٽيلن تي گھمڻ، ۽ اسپورٽ فشنگ لاءِ بھ مياڻي ھور اچي رھيا آھن.

ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان پاران 20 سال اڳ علائقي ۾ شروع ڪيل ماحولياتي سياحت جون سرگرميون هاڻي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻھن لاءِ آمدني جا متبادل ذريعا بڻجي ويون آهن.

محمد معظم خان جو خيال آهي ته مياڻي ھور کي محفوظ آبي علائقو قرار ڏيڻ سان علائقي ۾ ماحولياتي سياحت کي اڃا وڌيڪ ھٿي ملندي ۽ ان سان ھن علائقي جي ماڻھن جي سماجي توڙي معاشي حالت بھتر بڻائڻ ۾ بھ وڏي مدد ملندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں