ڀارتي اداڪارا تمنا ڀاٽيا پنھنجي ھڪ تازي انٽرويو ۾ ڪيترائي دلچسپ انڪشاف ڪيا آھن، ھن نوجوان ڇوڪرين کي موھيڙن ۽ داڻن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو مفت علاج بھ ٻڌايو آھي.
بالي ووڊ ايڪٽريس پنھنجي ان انٽرويو دوران پاڪستان جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق سان شاديءَ جي افواھن بابت بھ ڳالھايو آھي ۽ انھن کي ڪوڙيون خبرون قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آھي.
انٽرويو دوران تمنا ڀاٽيا پنھنجي خوبصورت ۽ بي داغ چھري جو راز ٻڌائيندي اھو انڪشاف ڪيو تھ ھوءَ موھيڙن ۽ داڻن جو علاج ٿــُڪَ يعني زبان جي لــِٻَ سان ڪندي آھي.
تمنا ڀاٽيا چيو تھ موھيڙن جو بھترين علاج لــِٻَ (ٿڪ) آھي، مان بھ ان جو ئي استعمال ڪندي آھيان.
بالي ووڊ ايڪٽريس وضاحت ڪندي چيو تھ موھيڙن ۽ داڻن جي علاج لاءِ توھان صبح جو ڏند صاف ڪرڻ يا برش ڪرڻ کان اڳ، وات ۾ جيڪا لــِٻَ موجود ھوندي آھي، اھا پنھنجن موھيڙن ۽ داڻن تي لڳايو، توھان کي فوري طور فائدو ٿيندو.
تمنا ڀاٽيا چيو تھ مان پاڻ بھ اھو ئي علاج ڪندي آھي ۽ موھيڙن توڙي داڻن جو اھو علاج سائنسي طور بھ تسليم ٿيل آھي.
ٻار منھنجو گانو ٻڌڻ کانپوءِ ماني کائين ٿا
مختلف سوالن جا جواب ڏيندي تمنا ڀاٽيا چيو تھ مون کي ڪيترين ئي مائرن ٻڌايو تھ اسان جا ٻار توھان جو گانو ٻڌڻ کانپوءِ ماني کائين ٿا، جنھن سان اسان کي ٻارن کي ماني کارائڻ واري پريشاني حل ٿي وئي آھي.
بالي ووڊ جي اداڪارا چيو تھ ڪيترين ئي عورتن چيو تھ توھان جي گاني جي ڌن ٻڌي ٻار ڊائيپر ۾ ھلڪي ڦلڪي انداز ۾ ڊانس ڪندي ماني کائي وٺن ٿا.
انٽرويو ڪندڙ ميزبان سوال ڪيو تھ توھان جو ڪھڙو گانو؟ ان تي تمنا ڀاٽيا جواب ۾ چيو “آج ڪي رات مزھ حسن ڪا ليجيئي”

ميزبان جواب ٻڌي چيو تھ ھاڻي مون کي انھن ٻارن جي مائرن جي ڳڻتي ٿي رھي آھي، تمنا ڀاٽيا چيو تھ مائرن جو اصل مسئلو اھو آھي تھ ھنن جو ٻار ڪيئن بھ ڪري بس ماني کائي.
بالي ووڊ ايڪٽريس کلندي وڌيڪ چيو تھ ايترن ننڍڙن ٻارن کي گاني جا ٻول سمجھھ ۾ نھ ايندا آھن، ھو رڳو گاني جي ڌن کي انجواءِ ڪندا آھن.
عبدالرزاق ۽ ويرات سان افيئرز جي ترديد
تمنا ڀاٽيا پاڪستان جي اڳوڻي آل رائونڊر ڪرڪيٽر عبدالرزاق سان افيئر وارين خبرن کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏيندي سختيءَ سان رد ڪيو.
بالي ووڊ جي اداڪارا چيو تھ ماڻھو سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ۽ بي بنياد ڳالھيون ھلائي ڇڏين ٿا، جن تي حيرت سان گڏ افسوس بھ ٿئي ٿو.
تمنا ڀاٽيا ٻڌايو ته 2020 ۾ جويلري اسٽور جي ھڪ ايونٽ ۾ عبدالرزاق سان سندس ڪڍرايل ھڪ تصوير جي بنياد تي اھي قياس آرائيون شروع ٿيون تھ اسان جي وچ ۾ ڪو افيئر آھي.
بالي ووڊ جي اداڪارا چيو ته: “انٽرنيٽ جو بھ عجيب جھان آھي، انٽرنيٽ موجب منھنجي عبدالرزاق سان شادي ٿي چڪي آھي، مذاق مذاق ۾ عبدالرزاق!”
اھو پھريون ڀيرو نھ آھي جو تمنا ڀاٽيا کي ڪنھن ڪرڪيٽر سان سلھاڙيو ويو ھجي، ان کان اڳ 2010 ۾ ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪولھي سان سندس ھڪ تصوير جي بنياد تي بھ ٻنھي وچ ۾ افيئر جا افواھ ھلايا ويا ھئا.
تمنا ڀاٽيا وضاحت ڪندي چيو تھ ويرات ڪوھلي سان ان ڏينھن فوٽو شوٽ جي تقريب دوران جيڪا ملاقات ٿي ھئي، ان کانپوءِ وري ھن سان ڪڏھن ملاقات نھ ٿي آھي.