موسمياتي تبديليون: پاڪستان ۾ 15 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون

فہرستِ مضامین

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ھلندڙ سال بھ موسمياتي تبديلين سبب سخت متاثر ٿيو ۽ ھيل بھ کيس معمول کان 15 سيڪڙو وڌيڪ برساتن جو منھن ڏسڻو پيو.

پاڪستان دنيا جي انھن ڪجھھ ملڪن ۾ شامل آھي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻين جي ڀيٽ ۾ گھٽ تيار آھن.

اھڙو اظھار برطانيا جي امپيريل ڪاليج جي گرانٿم انسٽٽيوٽ ۾ قائم ورلڊ ويدر ايٽريبيوشن گروپ جي تازو ڪرايل ھڪ اڀياسي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آھي، گروپ جي 18 سائنسدانن ۽ محققن تي ٻڌل ھڪ ٽيم اھڙي رپورٽ تيار ڪئي آھي.

پاڪستان، برطانيا، فرانس ۽ نيدرلينڊ جي يونيورسٽيز ۽ موسميات سان تعلق رکندڙ 18 ماھرن جي گروپ پنھنجي رپورٽ ۾ چيو آھي تھ پاڪستان ۾ تازو معمول کان وڌيڪ پيل برساتون موسمياتي تبديلين جو نتيجو آھن.

گروپ جو چوڻ آھي تھ پاڪستان ۾ ھاڻوڪي ٻوڏ واري صورتحال شديد برساتن جي ڪري پيدا ٿي ۽ ان غير معمولي موسم جي ذميواري ماحوليات مخالف انساني سرگرمين تي لاڳو ٿئي ٿي.

موسمياتي تبديلي ٻوڏ کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي رھي آھي

پاڪستان ۾ مون سون جي موسم جون جي آخر ۾ شروع ٿي سيپٽمبر ۾ ختم ٿي وڃي ٿي، اھا موسم ملڪ جي سالياني بارش جو 70 کان 80 سيڪڙو حصو آڻي ٿي، جيڪو اڪثر ڪري ٻوڏ جو سبب بڻجي وڃي ٿو.

مون سون جون برساتون جيتوڻيڪ پاڻيءَ جا ذخيرا ڀرڻ لاءِ انتھائي اھم آھن پر ھاڻوڪن سالن ۾ اھي برساتون وڌيڪ شديد ٿي ويون آھن.

امپيريل ڪاليج لنڊن سان واڳيل ماھر ڊاڪٽر مريم ذڪريا جو چوڻ آھي تھ پاڪستان ۾ مون سون جي موسم ايڏي شديد ٿي چڪي آھي جو ھاڻي معمولي حد تائين تيز برسات وارا مھينا بھ وڌيڪ موتن جو سبب بڻجي رھيا آھن.

ھن چيو تھ رپورٽ ۾ تجزيو ڪيل برساتون ريڪارڊ ٽوڙ نھ ھيون پر اھي ھڪ وسيع رجحان جي نشاندھي ڪن ٿيون تھ موسمياتي تبديلي ٻوڏ کي تيزيءَ سان خطرناڪ بڻائي رھي آھي.

فاسل فيول ٻارڻ سبب برساتن جي شدت وڌي آھي

مون سون جي شديد وسڪارن کانپوءِ آيل انھن ٻوڏن پاڪستان جي اتر علائقن کي سخت متاثر ڪيو، ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي، ٻوڏ جي پاڻيءَ روڊ ٻوڙي ڇڏيا، گھر تباھھ ڪري ڇڏيا  ۽ فصل ناس ڪري ڇڏيا.

ماھرن جي گروپ پاران ڪيل مطالعي موجب 26 جون کان 3 آگسٽ دوران سڄي ملڪ ۾ 300 ڄڻا فوت ٿيا، جن مان 242 ڄڻن جا موت پاڪستان جي اتر علائقن ۾ ٿيا.

تاريخي برساتن جي ڊيٽا مان معلوم ٿيو تھ اتر پاڪستان ۾ پيل ھاڻوڪيون برساتون ٻين سالن جي ڀيٽ ۾ خصوصي طور غير معمولي نھ ھيون.

رپورٽ موجب اڄ جي ماحول ۾ جڏھن ڌرتيءَ جو گرمي پد 1.3 ڊگري سينٽي گريڊ وڌي چڪو آھي، اھڙي قسم جا 30 ڏينھن جا شديد مون سون جا واقعا ھر 5 سالن کانپوءِ پيش اچڻ جو خدشو آھي.

سائنسدانن ۽ ماھرن موجب جيڪڏھن انسانن فاسل فيول ٻاري ماحول کي گرم نھ ڪيو ھجي ھا تھ برساتن جي شدت گھڻي گھٽ ھجي ھا.

محققن جو رپورٽ ۾ چوڻ آھي تھ موسم جي ڊيٽا کي آبھوا جي ماڊل سان گڏائي ڪري، موسمياتي تبديلي مون سون جي شديد بارشن کي تقريبن 15 سيڪڙو وڌيڪ شديد بڻائي ڇڏيو آھي.

موسمياتي آفتن کان پاڪستان کي ڪيئن بچائجي؟

رپورٽ موجب پاڪستان دنيا ۾ ڪاربن کي خارج ڪندڙ سرگرمين جو رڳو 0.5 سيڪڙو ذميوار آھي، پر موسمياتي اثرن کي منھن ڏيڻ جي تياري جي لحاظ کان دنيا ۾ 152 ھين نمبر تي آھي.

اھو نمبر ھيٽ ويوز، سوڪھڙن ۽ ٻوڏ جي اثرن کي وڌيڪ شديد بڻائي ڇڏي ٿو، رپورٽ ۾ موسمياتي آفتن کان بچڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت تي بھ زور ڀريو ويو آھي تھ جيئن انساني آبادين کي انھن جي اثرن کان بچائي سگھجي.

رپورٽ ۾ خبردار ڪندي چيو ويو آھي تھ پاڪستان ۾ مون سون جون برساتون ان وقت تائين وڌيڪ شديد ٿينديون رھنديون، جيستائين دنيا روايتي ٻارڻن (فيولز) جي استعمال کان تجديد جوڳي توانائي ڏانھن منتقل نھ ٿي ويندي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ پاڪستان کي بين الاقوامي سطح تي  موسمياتي موافقت لاءِ فوري مالي مدد جي ضرورت آھي، ۽ ملڪ کي موسمياتي اثرن کي منھن ڏيڻ لاءِ ساليانو 40 کان 50 ارب ڊالرز گھربل آھن.

جيڪڏھن وڏي پيماني تي تبديلي تي ٻڌل قدم نھ کنيا ويا تھ گڏيل قومن جي ھڪ اڳوڻي رپورٽ موجب 2050 تائين شديد موسمي حالتن سبب پاڪستان کي ھڪ ھزار 2 سئو ارب ڊالرز تائين جو نقصان پھچي سگھي ٿو.

ڪوپ ٽوينٽي نائين اجلاس ۾ ڪاربن جھڙن زھريلن مادن جي اخراج جي سڀ کان وڌيڪ ذميواري شاھوڪار ملڪن اسرندڙ ملڪن لاءِ 2035 تائين 3 سئو ارب ڊالرز جي موسمياتي مالي امداد وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ھو.

پر رپورٽ موجب اسريل ملڪن پاران فراھم ٿيندڙ ھاڻوڪي امداد  ۽گھربل رقم جي وچ ۾ اڃا بھ وڏي خلا موجود آھي، اسريل ملڪ ھن وقت ان مد ۾ رڳو ساليانو 28 ارب ڊالر فراھم ڪري رھيا آھن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تھ 2022 جي ٻوڏن ۾ ھڪ ھزار 7 سئو ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا، جيڪا ان ڳالھھ جو ثبوت آھي تھ پاڪستان موسمياتي تبديلين جي لحاظ کان ڪيڏو غير محفوظ آھي.

2022 جي ٻوڏن کي 3 گذرڻ بعد مون سون جي موسم جون ٻوڏون بھ ماڻھن جي موت جو سبب بڻجي رھيون آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں