مورو ويجھو ھٿياربندن ڦر مزاحمت تي ڳوٺاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ سندس پٽ زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ قمر الدين چانڊيو ۾ ڦر مزاحمت تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 45 ورھين جو دلمراد لغاري ٿڏي تي مارجي ويو.
فائرنگ ۾ ڳوٺاڻي جو 7 ورھين جو پٽ اويس لغاري زخمي ٿي پيو، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
فوتي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن تھ زخمي نينگر جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.
پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب واقعو ڦر مزاحمتي تي پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.