مورو سانحي خلاف ايس يو پي جو پيادل مارچ ۽ جلسو، جڊيشل انڪوائري ٿيڻ تائين جدوجھد جاري رکڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

مورو/ سڪرنڊ ( نمائندن وٽان) مورو ۾ پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ ٻن نوجوانن جي مارجڻ ۽ سنڌ جا وسيلا مبينا طور وڪرو ڪرڻ خلاف ايس يو پي جي صدر سيد زين جي شاهه جي اڳواڻي ۾نڪتل پيادل مارچ جلسي ۾ تبديل ٿي ويو، اڳواڻن واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

20 مئي تي  ڪينال منصوبن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٿيل احتجاج دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ جھيڙو ٿيو، جنھن ۾ نوجوان زاھد لغاري موقعي تي مارجي ويو ۽ ٻيو نوجوان عرفان لغاري زخمي ٿي پيو ھو، جنھن چئن ڏينھن بعد دم ڏنو ھو.

مارجي ويل ٻنھي نوجوانن جي وارثن سان يڪجھتي جي اظھار ۽ سندن مارجڻ جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر زين شاھه جي اڳواڻي ۾ ”مورو مارچ“ ڪيو ويو، قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڪراچي بار جو صدر عامر نواز وڙائچ، مھر ڊٻائي، اياز قمي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود ھئا.

زين شاھه جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ ڳوٺ بجاراڻي لغاري پھتو، جتي مبينا طور عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري جي قبرن تي حاضري به ڀري وئي، حاضري بعد 2 ڪلو ميٽرن تائين پيادل مارچ ڪري قومي شاھراھه تي جلسو ڪيو ويو.

جلسي کي خطاب ڪندي ايس يو پي صدر زين شاھه چيو ته سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي مورو واسي سدائين اڳڀرا رھيا آھن، ڳوٺ بجاراڻي لغاري ۾ 2 ماڻھو ماري خوف پيدا ڪيو ويو پر مورو واسين روڊن تي نڪري خوف جي زنجير ٽوڙي ڇڏي.

زين شاھه چيو ته ھڪ پاسي 2 نوجوان ماريا ويا ته ٻي پاسي ڳوٺن تي چڙھايون ڪري سندن ملڪيتن کي نقصان پھچايو ويو،  ھاڻي اھڙي تحريڪ ھلائي ويندي، جيڪي انصاف ملڻ تائين جاري رھندي.

مورو واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو

جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته حڪمران اعلان ڪيو ھو ته مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ويندي پر ھيل تائين جڊيشل انڪوائري ناھي ڪرائي وئي، حڪمران  مورو واقعي جي جاچ لاءِ جڊيشل انڪوائري کان ڦـِري ويا آھن، جيستائين جڊيشل انڪوائري نه ٿيندي، تيستائين جدوجھد جاري رھندي.

جلسي کي ڪراچي بار جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ، اياز قمي، مھر ڊٻائي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو، پيادل مارچ ۾ قومي عوامي تحريڪ، جسقم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.

مورو واقعي جو پس منظر

مورو ۾ 20 مئي تي مختلف قومپرست توڙي سياسي تنظيمن پاران ڪينال منصوبن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪيو ويو، جنھن دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ چڪريون ٿي پيون ھيون، جنھن سبب سڄو ڏينھن علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رھيو ھو.

پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ نوجوان زاھد لغاري موقعي تي مارجي ويو ٿي ويو ھو، ٻيو نوجوان عرفان لغاري زخمي ٿي پيو ھو، جيڪو چئن ڏينھن تائين علاج ھيٺ رھڻ بعد فوت ٿي ويو ھو، جنھن بعد صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن جي گھر کي پڻ ساڙيو ويو ھو.

نوشھرو فيروز پوليس مئي 2025 ۾ مورو ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءَ لنجار جي گھر کي اڻڄاتل ماڻهن باهه ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ لنجار ھائوس جي مئنيجر دوست علي سولنگي جي فرياد تي پابندي مڙهيل تنظيم جي اڳواڻ شفيع برفت سان گڏ اڳوڻو وفاقي وزير(اين پي پي ) جي سربراهه مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس ڀاءَ مسرور جتوئي جا نالا جوابدار طور نامزد ڪيا ھئا.

فريادي موقف اختيار ڪيو ته 20 مئي تي جوابدارن لنجار ھائوس تي حملو ڪري ملازمن کي مارڪٽ ڪئي ۽ ڦرلٽ بعد ھائوس کي باهه ڏئي ساڙي ويو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران الزام هنيو ويو هو ته پوليس مٿن سڌي فائرنگ ڪئي، جڏهن هو ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ سندن 2 نوجوان مارجي ويا هئا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں