ڀارت آپريشن سندرو جي ناڪامي لڪائڻ لاءِ آپريشن مھا ديو جي نالي سان نئين سر جعلي مقابلا شروع ڪري ڏنا آھن.
ڀارتي پارليامينٽ ۾ آپريشن “سندور” تي بحث شروع ٿيندي ئي ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي آپريشن مهاديئو شروع ڪري ڇڏيو، ضلعو سري نگر ۾ جعلي مقابلي دوران 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري انهن مان 2 کي پهلگام حملي ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس جي رپورٽ موجب ڀارتي فوج، پوليس ۽ سينٽرل ريزرو پوليس فورس (سي آر پي ايف) ضلعو سري نگر جي علائقي ڏچگام ۾ گڏيل سرچ آپريشن ڪيو، آپريشن لدواس، ڏارا ۽ لڳ ڀڳ علائقن ۾ جاري آهي۔
شهيد نوجوانن کي پهلگام حملي سان جوڙڻ جي ڪوشش جي مذمت
مقامي ماڻهن ڀارتي اختيارين پاران شهيد نوجوانن کي پهلگام حملي سان جوڙڻ جي ڪوشش جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
غير قانوني حراست ۾ ورتل پاڪستانين کي دھشتگرد قرار ڏئي شھيد ڪرڻ جو ڀارتي منصوبو وائکو ٿي ويو آھي.سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ٻيھر ڪوڙا مقابلا شروع ڪري ڏنا آھن.
ذريعن موجب آپريشن مھا ديو جو مقصد نھ رڳو والاريل ڪشمير ۾ آزاديءَ جي وڌندڙ تحريڪ کي چٿڻ آھي پر ملڪ اندر ڪرندڙ ڀارتي سرڪار جي ساک کي بحال ڪرڻ بھ آھي.
مودي سرڪار ساک بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل
ڀارت اھا ڪوشش ڪري رھيو آھي تھ انھن ڪوڙن مقابلن کي ھڪ ڪامياب فوجي مھم طور پيش ڪيو وڃي تھ جيئن آپريشن سندور جي ناڪامي جي ڦڪائي ختم ڪري سگھجي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پھلگام فالس فليگ آپريشن کان فورن پوءِ بھ ڀارتي فوج پاران جعلي مقابلن جو سلسلو شروع ڪيو ويو ھو، ان کان اڳ بھ 24 اپريل تي آزاد ڄمون ڪشمير جي 2 شھرين محمد فاروق ۽ محمد دين کي غلطي سان سرحد پار ڪرڻ تي ڀارتي فوج فيڪ انڪائونٽر ڄاڻائي شھيد ڪيو ھو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب وائکي ٿيل ڀارتي منصوبي تحت مختلف جيلن ۾ قيد ماڻھن کي مارڻ بعد انھن کي پاڪستان مان سرحد پار ڪري آيل دھشتگرد قرار ڏنو ويندو.
29 ۽ 30 اپريل تي ڊي جي آءِ ايس پي آر پنھنجي پريس ڪانفرنسز ۾ اڳ ئي اھڙن 723 پاڪستاني ماڻھن جا تفصيل ٻڌائي چڪو ھو، جيڪي مختلف ڀارتي جيلن ۾ غير قانوني طور بند آھن.
ان کانسواءِ 56 اھڙا پاڪستاني بھ آھن جيڪي ڀارتي ڳجھن ادارن غيرقانوني ۽ جبري طور پنھنجي حراست ۾ رکيا آھن، انھن 56 ڄڻن جا تفصيل بھ ڊي جي آءِ ايس پي آر پنھنجي پريس ڪانفرنسز دوران ٻڌايا ھئا.
ذريعن موجب روايت موجب جعلي مقابلن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا کي پھريان کان ئي انھن ماڻھن جي لاشن ۽ پلانٽڊ ھٿيارن وغيرھ جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون پيون وڃن.
ذريعن موجب پھلگام فالس فليگ ۽ آپريشن سندور جي ناڪامي کانپوءِ ڀارت جون وايون بتال ٿي چڪيون آھن.