مودي اسان جي فيلڊ مارشل جو نالو ٻڌي لڪي ويندو آھي: بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

ڳڙھي خدا بخش ڀٽو : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ مئي ۾ شڪست کي ڀارت اڃا تائين هضم ناهي ڪري سگهيو، هاڻ تہ مودي اسان جي فيلڊ مارشل جو نالو ٻڌي لڪي ويندو آهي، شڪست کانپوءِ مودي ڪنهن بہ عالمي فورم تي نہ پيو وڃي، ماضي ۾ هو انهن پليٽ فارمز تي وڃي پاڪستان کي بدنام ڪندو هو.

ڳڙھي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ فوج ۽ قوم ڀارت کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏني، جنگ ۾ فتح سڄي پاڪستان جي ڪاميابي آهي، ان سان پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ مقبوليت ملي، جنگ ۾ ڪاميابي ڳڙھي خدا بخش جي قربانين بنا ممڪن نہ هئي، ڇو تہ پاڪستان انهن ئي قربانين سبب ايٽمي قوت بڻجيو.

هن چيو تہ بينظير ڀٽو جي ڪري پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ملي، جنهن سان ملڪ جو دفاع ممڪن ٿيو، صدر زرداري چين کان اهي جهاز گهرايا، جن ڀارت جا جهاز ڪيرائي ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪ – چين دوستي جو بنياد قائد عوام رکيو، ان کي بينظير اڳتي وڌايو، زرداري سي پيڪ جو بنياد رکيو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں