موت زھر واپرائڻ سبب ٿيو: ڏاڍائي بعد مبينا طور قتل ڪيل فائزه چنه جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ

فہرستِ مضامین

نوشھرو فيروز ضلعي جي شھر محبت ديرو ۾ زيادتي بعد مبينا طور قتل ڪيل ناري فائزھ چنا جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامھون اچي وئي آھي.

ڪنڊيارو اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر زرقه ابڙو شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ پوليس حوالي ڪئي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فائزه چنا جو موت زهريلوين گوريون واپرائڻ سبب ٿيو آهي، جڏهن ته حتمي رپورٽ لاءِ جزا روهڙي ليبارٽري موڪليا ويا آهن.

جسم تي تشدد جا نشان

شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب فائزه چنا جي جسم تي ڪنهن به قسم جي تشدد جا نشان نھ مليا آھن، سندس موت زهريليون گوريون کائڻ سبب ٿيو آهي.

3 ڏينھن اڳ محبت ديرو ۾ نوجوان ناري فائزھ چنا جو پراسرار موت رپورٽ ٿيو ھو، وارثن جو موقف آھي تھ جوابدار لال ڏنو فائزا کي زيادتي جو نشانو بڻايو ھو ۽ معاملي جي نبيري لاءِ ٻئي ڌريون مقامي وڏيري عزيز ڏھراج وٽ ويون ھيون.

فائزھ جي وارثن موجب وڏيري جوابدار لال ڏنو چنا تي 4 لک روپيا ڏنڊ وجھڻ سان گڏ فائزھ سان شادي ڪرڻ جو فيصلو بھ ٻڌايو ھو، وارثن موجب جوابدار لال ڏنو فائزھ سان شادي کان بچڻ لاءِ کيس زھر کارائي قتل ڪري ڇڏيو.

جرڳو ڪندڙ وڏيرو روپوش

پوليس جوابدار لال ڏنو چنا ۽ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري چڪي آھي ۽ ٻئي جوابدار جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ آھن. پوليس جرڳو ڪندڙ وڏيري عزيز ڏھراج جي ڀاءُ کي بھ گرفتار ڪيو آھي.

وڏيرو عزيز ڏھراج روپوش آھي، ايس ايس پي نوشھروفيروز روحيل کوسو جو چوڻ آھي تھ وڏيري کي بھ جلد گرفتار ڪيو ويندو.

فائزھ جي وارثن جو چوڻ آھي تھ فائزھ فيصلو ٿيڻ تائين وڏيري عزيز اللھ ڏھراج وٽ سام طور ترسيل ھئي، جتان لال ڏنو ۽ سندس ڀاءُ کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويا ۽ کيس زھر ڏئي قتل ڪيو.

وڏيري عزيز اللھ ڏھراج ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو ھو تھ فائزا چنا مون وٽ سام طور ترسيل نھ ھئي پر مون وٽ ڪم ڪندي ھئي، سندس وارث بھ مون وٽ ملازم ھئا ۽ ڇوڪري سان زيادتي جو فيصلو بھ مون وٽ ٿيو ھو.

وڏيري جو چوڻ آھي تھ فائزھ کي ڪيئن قتل ڪيو ويو، ان بابت کيس ڪا بھ خبر نھ آھي.

فائزه جو موت ڪيئن ٿيو؟

پوليس ان ڳالھھ جو اڃا تائين پتو نھ لڳائي سگھي آھي تھ فائزھ چنو وڏيري جي گھر مان ٻاھر ڪيئن نڪتي، لال ڏنو ۽ سندس ڀاءُ فائزھ کي مبينا طور وڏيري جي گھر مان پنھنجي گھر ڪيئن وٺي ويا؟

جوابدار لال ڏنو ۽ سندس ڀاءُ فائزھ کي جبري طور زھر پياريو يا ھن پاڻ انتھائي مايوسي جي حالت ۾ زھر پي آپگھات ڪيو؟ ھي اھي سوال آھن جن جا پوليس کي اڃا جواب ڳولڻا آھن.

پوليس جو چوڻ آھي تھ فائزھ چنا جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪجھھ وڌيڪ حقيقتون معلوم ٿيڻ جي اميد آھي، ڏسڻو اھو آھي تھ گرفتار ڪيل جوابدار لال ڏنو ۽ سندس ڀاءُ پڇاڳاڇا دوران پوليس آڏو ڪھڙو موقف ٿا اختيار ڪن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں