لاھور ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سنڌو درياھ تي ڪينال ٺاھڻ جو اشارو ڏيندي چيو آھي تہ پنجاب پنھنجي صوبي جي عوام جي حق ۾ ڪينال ڪڍڻ چاھي ٿو تہ ٻين کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي، منھنجو پاڻي ۽ منھنجو پئسو آھي تہ منھنجي مرضي ھوندي، توھان کي ڪھڙي تڪليف آھي.
فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو تہ اڳ ۾خاموشي اختيار ڪئي پر ھاڻي گھڻو ٿي ويو، منھنجي ذات تي ڳالھ ڪندا تہ تنقيد نہ ڪنديس، پنجاب ۽ پنجابين تي ڳالھائيندا تہ توھان کي نہ ڇڏينديس، توھان کي گھر تائين پھچائي اينديس.
اوھان سنڌ ۾ ڪھڙو ڪم ڪيو آھي؟
پيپلزپارٽي ڏانھن لاءِ اشارو ڏيندي مريم نواز چيو تہ جيڪڏھن اوھان سنڌ ۾ ڪم ڪندا آھيو تہ مونکي خوشي ٿيندي آھي پر ڪجھ ڪندا تہ خوش ٿينديس نہ، پنجاب ۾ ميٽرو ٺھي، اورنج لائن ۽ موٽر ٺھيا، روڊن جو ڄار وڇايو ويو.
مريم نواز چيو تہ پنجاب ڪينال ٺاھڻ جي ڳالھ ڪري ٿو تہ اوھان کي تڪليف ڇو پھچندي آھي، اوھان کي ڪھڙو اعتراض آھي؟ پنجاب جي عوام کي بجلي جي بلز ۾ رليف ڏنو تہ آءِ ايم ايف وٽ وڃي شڪايت لڳائي، مھرباني ڪري پنجاب جي مامرن تي تنقيد ڪرڻ بند ڪيو، پنجاب جا ڪيترائي منصوبا ڳڻائي سگھان ٿي.
پنھنجي پاڻي مان چولستان جي زمين آباد ڪرڻ چاھيان پئي
ھن چيو تہ مونکي پاڻي چوري نہ ڪرڻو ھو، پنھنجي پاڻي مان چولستان جي زمين آباد ڪرڻ چاھيان پئي، منھنجو پاڻي منھنجو پئسو آھي، اوھان کي تڪليف نہ ٿيڻ گھرجي، پنجاب کي مشورا ڏيندڙ اھڙا مشورا پاڻ وٽ رکن.
مريم نواز جو چوڻ ھو تہ اين ايف سي مان چئني صوبن کي ھڪ جيترا پئسا ملندا آھن، اوھان ڪٿي لڳايا آھن، گھرڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي، پنجاب اوھان جي معاملن ۾ مداخلت ناھي ڪئي، اوھان بہ نہ ڪيو، اوھان وٽ ھر شيءِ جو حل ڪشتو کڻي بيھڻ آھي؟
عوام تي تنقيد برداشت نہ ڪنديس: مريم نواز
ھن وڌيڪ چيو تہ تنقيد کي سدائين مثبت انداز ۾ وٺندي آھيان، پر پنجاب جي عوام ۽ پنجاب تي تنقيد برداشت نہ ڪنديس، پنجاب پنھنجي شھرين جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو،ھر شيءِ جو علاج بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ناھي، پنڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گھرجي
پنجاب جي وزيراعليٰ وڌيڪ چيو تہ پنجاب پنھنجي عوام کي يورپ جھڙي ٽرانسپورٽ فراھم ڪري رھيو آھي، اليڪٽرڪ بسون ننڍن وڏن شھرن ۾ آنديون ويون آھن، مان پنھنجي شھرين تي بار ناھي وڌو، اليڪٽرڪ بسن جو ڪرايو رڳو 20 رپيا آھي.
مريم نواز وڌيڪ چيو تہ جڏھن نواز شريف تي سخت وقت آيو تہ سمورا سياسي اڳواڻ رُڪ جي ڀت جيان گڏ بيٺل ھئي، راڻا ثناءُ اللہ تي منشيات جو بي بنياد ڪيس ٺاھيو ويو.
ترقياتي منصوبن جي حوالي سان مريم نواز جو چوڻ ھو تہ ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جو ذڪر ايندو تہ نواز شريف ۽ شھباز شريف جو نالو تاريخ ۾ لکيو ويندو، جيڪي ٻين کي جوتا اڇلائي ھڻڻ جي تربيت ڏيندا ھئا، اڄ ھڪٻئي کي جوتا ھڻي رھيا آھن، گاريون ڏيندڙ پنھنجي انجام تي پھچي چڪا آھن.