ڀارتي اداڪارہ جيڪولين فرنينڊس 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ آر رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آھي.
بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ 200 ڪروڙ رپين جي مبينا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ آر رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، جولاءِ ۾، دهلي هاءِ ڪورٽ 44 سالن جي اداڪاره جيڪولين فرنينڊز جي 200 ڪروڙ ڀارتي رپيا، پاڪستاني تقريبن ساڍا 6 ارب رپين جي انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ ڪيس کي بند ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ھئي.
اداڪارہ عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.
هندستاني ميڊيا موجب، ڪيس مبينا جعلساز سُڪيش چندر شيکر سان ڳنڍيل آهي، جنهن تي وڏي پئماني تي مالي فراڊ جو الزام آهي.
ھلندڙ سال جولاءِ ۾ سپريم ڪورٽ ۾ 200 ڪروڙ رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس کي چئلينج ڪندي هڪ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.
جيڪولين فرنيڊس چيو آھي تہ مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت، سندس قبضي ۾ ڪا بہ ڏوھي آمدني يا اثاثا نہ مليا آهن، ھو عدالت ۾ پنھنجي خلاف سمورن الزام کي غلط ثابت ڪندي .