صدر آصف علي زرداري، عمران خان تي ھڪ ڀيرو ٻيھر تنقيد ڪندي چيو آھي تہ ھِن جون تہ ڏيڍ سال ۾ ئي دانھون نڪرڻ شروع ٿي ويون آھن، سياست ۾ ائين ٿيندو رھندو آھي، برداشت نٿا ڪري سگھو تہ آسان ڪم ڪيو ھا.
پنجاب جـَي علائقي وھاڙي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو تہ حڪمراني لاءِ لچڪ ۽ سياسي ڏاھپ ضروري آھي، سياسي سھڪار ۽ انتھاپسنداڻو رجحان روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آھي، ڄاڻ آھي تہ بلوچستان جي عوام ۾ مدد آھي پر ملڪ جون حالتون ماضي کان بھتر آھن، مڪمل بھتر ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.
صدر آصف علي زرداري چيو تہ ملڪ ۾ 4 سال پي ٽي آءِ باني نہ پر فيض حميد جي حڪومت ھئي، جنرل رٽائرڊ فيض کي ڪھڙي خبر تہ ملڪ ڪيئن ھلندو آھي؟ پاڪستان کي سنڌ ٺاھيو، ملڪ بچائڻ ۾ سنڌ صوبو سڀني کان اڳڀرو آھي،
ھن چيو تہ ملڪ کي ڪير بہ ٽوڙي نٿو سگھي، ملڪي ترقي جو دارومدار زراعت تي آھي، ھارين کي سھولتون ڏيڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، پنھنجي دور ۾ ڪڻڪ جو مناسب اگھ مقرر ڪيو، پاڻي جو اثرائتو استعمال يقيني بڻائڻو پوندو
ھن چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ ۽ بلوچستان تائين محدود آھي، پنجاب ۾ اسان جي حڪومت نہ آھي، خيبرپختونخواھ جي الڳ سوچ آھي، ڪي پي حڪومت رڳو مار ڌاڙ تي لڳل آھي، ڪي پي حڪومت ڪو ڪم ناھي ڪيو.
عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو تہ ملڪ ھڪ سال رُڪجي وڃي تہ 10 سال پوئتي ويندو آھي، ان شخص کي روز ڀاشن ڏيڻ جي عادت ھئي، روز ٽي وي تي ان جون تقريرون اينديون ھيون تہ ٻيون تقريرون بند ڪيون وينديون ھيون.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ ھو تہ ڏيڍ سال ناھي ٿيو، جيل کان دانھون اچڻ شروع ٿي ويون آھن، پٽ چوي ٿو ملڻ نٿو ڏنو وڃي، مان 14 سالن بعد پُٽن سان ملاقات ڪئي تہ اھي مونکان قد ۾ ئي وڏا ٿي ويا ھئا.
صدر آصف علي زرداري جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ ھارين کي سھولت جي فراھمي وقت جي اھم گھرج آھي، زرعي شعبي جي بھتري لاءِ ملڪ ترقي ڪري سگھي ٿو، ملڪ ۾ ھر قسم جي نعمت موجود آھي رڳو تسلسل ۽ سوچ نہ آھي.
ھن چيو تہ قومي ترقي جو دارومدر ھارين کي مضبوط بڻائڻ ٿو، پاڪستان جي معاشي چيلينجز جو جٽادار حل زراعت ۾ آھي.
آصف علي زرداري جو چوڻ ھو تہ ججز جون پگھارون 3 سيڪڙو وڌايون آھن، ھر ڪم سوچي سمجھي ڪندو آھيان.
ڪشمير بابت ڳالھائيندي صدر جو چوڻ ھو تہ ڪشمير پاڪستان جي ساھ واري رڳ آھي، ھڪ انچ تي بہ سوديبازي نہ ڪنداسين، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو علائقائي خطرن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو….