اسلام آباد : ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي۔
ذريعن موجب 16 جنوري کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ في ليٽر 4 رپيا 59 پيسا تائين گهٽتائي ٿيڻ جو امڪان آهي۔
ذريعن جو چوڻ آهي تہ پيٽرول في ليٽر 4 رپيا 59 پيسا سستو ٿي سگهي ٿو، جڏھن تہ ڊيزل جي قيمت في ليٽر 2 رپيا 70 پيسا تائين گهٽجڻ جو اندازو آهي۔
ذريعن موجب مٽيءَ جو تيل في ليٽر 1 رپيو 82 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل في ليٽر 2 رپيا 8 پيسا تائين سستو ٿي سگهي ٿو۔
ذريعن جو اهو بہ چوڻ آهي ته اوگرا 15 جنوري تي حتمي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن ڏانهن موڪليندي، جڏھن ته حتمي فيصلو وزيراعظم سان صلاح مشوري بعد ناڻي واري وزارت ڪندي۔
ياد رھي تہ حڪومت نئين سال جي موقعي تي پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 10 رپيا 28 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 8 رپيا 57 پيسا گهٽتائي ڪئي هئي۔……..