اسلام آباد : چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي تہ ملڪ وسيع ۽ مسلسل نوعيت جي چيلينجز کي منھن ڏئي رھيو آھي.
آئي ايس پي آر جي پڌرائي موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو دورو ڪيو، فيلڊ مارشل جي آمد تي اداري جي صدر فيلڊ مارشل جي آجيان ڪئي.
ان موقعي تي، فيلڊ مارشل عاصم منير کي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي سول ۽ عسڪري پينلز پاران قومي سلامتي کي پيش چيلينجز بابت بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ دوران، فيلڊ مارشل کي چيلينجز سان نبرڻ لاءِ ضروري قدمن بابت علمي ۽ تجزياتي نقطہ نظر سان آگاهي ڏني وئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل عالمي، علائقائي ۽ داخلي سطح تي بدلجندڙ سيڪيورٽي ماحول تي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
فيلڊ مارشل چيو تہ هي چيلينج روايتي، غير روايتي، انٽيليجنس، سائبر، عسڪري، معاشي ۽ ٻين شعبن تي پکڙيل آهن.
فيلڊ مارشل عاصم منير وڌيڪ چيو تہ ملڪ کي وسيع ۽ مسلسل نوعيت وارا چيلينجز آھن ۽ انهن چيلينجز کي منھن ڏيڻ لاءِ تياري، قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي ھم آھنگي اڻٽر آھي.
هن چيو تہ دشمن عنصر سڌي محاذ بدران اڻ سڌا طريقا اختيار ڪري رھيا آھن، جن ۾ اندروني ڪمزورين مان فائدو وٺڻ لاءِ پراڪسيز جو استعمال شامل آھي.
چيف آف ڊفينس فورسز چيو تہ مستقبل جي اڳواڻن کي انهن چيلينجز کي سڃاڻڻ ۽ مقابلي جي تربيت ڏيڻ گهرجي.
فيلڊ مارشل چيو تہ واضح فيصلا سازي ۽ ذهني استقامت سيڪيورٽي ماحول ۾ ڪامياب ڪردار لاءِ اھم آھن.
فيلڊ مارشل ين ڊي ايو جي ڪردار کي ساراھيندي چيو تہ اين ڊي يو اسٽريٽجڪ سوچ وارن ماڻهن جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ پيشوراڻي عسڪري تعليم ادارتي صلاحيت مضبوط ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿي.
فيلڊ مارشل چيو تہ هي قومي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ بہ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، فيلڊ مارشل عاصم منير پينلز جي تجزياتي ڪم ۽ نتيجن کي ساراهيو……..