ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن سبب ھڪ ڀيرو ٻيھر تباھي، 8 ڄڻا فوت، 47 زخمي

فہرستِ مضامین

خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ طوفاني برسات سبب مختلف واقعن ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 47 زخمي ٿي پيا آھن.

طوفاني ھوائن ۽ برسات سبب ڪيترن ئي گھرن جون ڇتيون اڏامي ويون، جڏھن تھ ڇتين تي پيل سولر پليٽون ۽ وڻ بھ ڪِري پيا، ڊي سي عبدالناصر خان طرفان برسات سبب ٿيل نقصان جا تفصيل جاري ڪيا ويا، رپورٽ ۾ چيو ويو تھ مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 47 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، زخمين مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي.

وڏي وزير طرفان ڏک جو اظھار

خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور طرفان برسات سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظھار ڪيو ويو، وڏي وزير انتظاميھ کي ھدايت ڪئي تھ متاثر خاندانن کي فوري طور تي رليف ۽ امداد فراھم ڪئي وڃي، ھن چيو تھ متاثرن جي بحالي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن، صوبائي حڪومت متاثر خاندانن کي اڪيلو نھ ڇڏيندي، ڏک جي ھن گھڙي ۾ ھو متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آھن.

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات بعد ندي نالن ۾ چاڙھھ سبب ھيٺانھين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا، تيز برسات سبب بارا ڪھو واري علائقي ۾ پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويو، ڪيترن ئي ھنڌن تي گاڏيون بھ ڦاسي پيون، اسلام آباد ۾ شديد برسات بعد راول ڊيم جا اسپل وي کوليا ويا، جڏھن تھ برساتن سبب مارگل ھلز تي ٽريل 2-3-4 ۽ پنج کي بند ڪيو ويو آھي.

خيبرپختونخواھ ۾ رين ايمرجنسي

خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران برساتن سبب 8 ڄڻا فوت ۽ 47 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جنھن بعد صوبائي حڪومت طرفان صوبي ۾ رين ايمرجنسي لڳائي وئي آھي، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آھي تھ برساتن سبب صوبي ۾ وڏو نقصان ٿيو آھي، پر صوبائي حڪومت عوام کي اڪيلو نھ ڇڏيندي.

تربيلا ڊيم 99 سيڪڙو ڀرجي ويو

پنجاب ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب تربيلا ڊيم 99 سيڪڙو تائين ڀرجي ويو، فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي ليول 1549.20 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪو 99 سيڪڙو ٿئي ٿو، جڏھن تھ منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي ليول 1219.40 فوٽ ٿي وئي، جيڪا 76 سيڪڙو ٿئي ٿي، ٻئي پاسي راوي درياھھ ۾ پاڻي جا وھڪرا معمول موجب جاري آھن.

ملڪ ۾ برسات جو نئون سلسلو ڪڏھن  داخل ٿيندو؟

اين ڊي ايم اي ۽ موسميات کاتي جو چوڻ آھي تھ ملڪ ۾ برساتن جو نئون سلسلو 27 آگسٽ تي داخل ٿيندو، جنھن دوران سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿيندي، اين ڊي ايم اي طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو ھو تھ 27 آگسٽ کان ملڪ جي مختلف حصن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آھي، جنھن سبب انتظاميھ کي اڳواٽ ئي قدم کڻڻ گھرجن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں