ملڪي معيشت ۽ توانائي جي شعبي لاءِ اھم اڳڀرائي سامھون آئي آھي.
او جي سي ڊي ايل خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪوھاٽ ۾ واقع نشپا بلاڪ مان تيل ۽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اعلان ڪيو آھي.
او جي ڊي سي ايل ترجمان موجب نشپا بلاڪ ۾ براگزئي ايڪس ھڪ کوھ مان روزانو 225 يوميہ نريل تيل ۽ 10 لک مڪعب فٽ يوميہ گئس جي پيداوار حاصل ٿي آھي.
ترجمان موجب براگزئي ايڪس کوھ ھڪ جي کوٽائي جي شروعات 30 ڊسمبر 2024ع تي ڪئي وئي ۽ هن کوھ کي مجموعي طور 5 هزار 170 ميٽر کوٽائي تائين کوٽيو ويو۔
کوٽائي دوران مختلف زميني فارميشنز ۾ ڊرل اسٽيم ٽيسٽ جي مرحلي تي ئي تيل ۽ گئس جا آثار سامهون اچي چڪا هئا، جيڪي هاڻي باقاعدہ پيداوار جي صورت ۾ حاصل ٿي رھيا آهن۔
او جي ڊي سي ايل موجب هن نئين دريافت سان نہ رڳو ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، پر هائيڊروڪاربان ذخيرن ۾ پڻ نمايان اضافو ٿيندو، جيڪا قومي معيشت لاءِ ھاڪاري اڳڀرائي سمجھي پئي وڃي……..