اسلام آباد : وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ آھي تہ ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ٻارڻ جا مناسب ذخيرا موجود آھن ۽ حڪومت عوامي رليف جا قدم کڻي رھي آھي.
وزيراعظم جي صدارت ھيٺ پيٽروليم شين تي سبسڊي تي اڳڀرائي جي جائزو جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارن شرڪت ڪئي.
انٽيلي جنس بيورو حڪومتي ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي قدمن تي رپورٽ پيش ڪئي، اجلاس ۾ سبسڊي فراھمي تي اڳڀرائي سان گڏ ملڪ ۾ ٻارڙن جي ذخيرن ۽ کپ تي بہ ڏني وئي.
ان موقعي تي وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تہ مسافر بسن کي ھڪ لک رپيا ماھوار سبسڊي فراھم ڪئي پئي وڃي، جڏھن تہ مني بس، ويگنن کي 40 ھزار رپيا ماھوار ۽ مال بردار گاڏين کي 80 ھزار ۽ ڊليوري وينن کي 35 ھزار رپيا سبسڊي ڏني پئي وڃي.
ان جو چوڻ ھو تہ بلوچستان حڪومت قومي پيڪج لاءِ طئي ٿيل رقم جمع ڪرائي آھي جيڪا سٺي ڳالھ آھي، اميد آھي تہ باقي صوبا بہ ان پيڪج لاءِ جلد جمع ڪرائيندا.
شھباز شریف چيو آهي تہ گذريل ٽن هفتن دوران 129 ارب رپين جو عوامي رليف پيڪيج ڏنو ويو آهي ۽ هن ڏکئي وقت ۾ ڪنهن بہ صورت عوام کي اڪيلو نہ ڇڏيو ويندو۔
هن چيو تہ پيٽرول ليوي ۾ فوري طور في ليٽر 80 رپيا گهٽتائي عوام کي رليف ڏنو ويو آهي، جڏھن تہ ريلوي کي 6 ارب رپين جي سبسڊي فراھم ڪري رھيا آھيون، مسافر ٽرينن ۽ مال گاڏين جي ڀاڙن ۾ ڪنهن بہ قسم جو اضافو نہ پيو ڪيو وڃي، جڏھن تہ ٽول ٽيڪس ۾ ٽہ ماهي 25 سيڪڙو اضافو بہ واپس ورتو ويو آهي۔
شھباز شریف وڌيڪ چيو تہ مشڪل وقت ۾ جيترو ممڪن آهي ايترو عوامي رليف جا قدم کنيا پيا وڃن ۽ ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي مقدار ۾ ٻارڙن جا ذخيرا موجود آهن۔