راولپنڊي :چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ناڪاري پروپيگنڊا جي تدارڪ لاءِ سول سوسائٽي جي ڪوششن کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي تہ ذاتي ۽ مفادن تي ٻڌل سياسي ايجنڊائن کي رد ڪرڻ اڻٽر آهي۔
آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايچ ڪيو) ۾ بلوچستان بابت 18هين نيشنل ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔
بيان موجب، ورڪشاپ ۾ بلوچستان جي سماجي، معاشي ترقي ۽ پاڪستان لاءِ ان جي اهميت تي غور ڪيو ويو، فيلڊ مارشل عاصم منير بلوچستان جي عوام جي ثابت قدمي ۽ حب الوطني کي ساراهيندي چيو تہ بلوچستان پاڪستان جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو۔
فيـلڊ مارشل وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران جاري وسيع قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ عوامي ڀلائي تي ٻڌل پاليسين تي زور ڏنو، جن جو مقصد صوبو جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي بهتر بڻائڻ ۽ عوام جي مفاد ۾ ان جي وسيع معاشي وسيلن مان پيـداوار حاصل ڪرڻ آهي۔
چيف آف ڊفينس فورسز سول سوسائٽي جي تعميري ڪردار جي بہ واکاڻ ڪئي، خاص طور ناڪاري پروپيگنڊا جي روڪٿام ۾ انهن جي ڪوششن کي اهم قرار ڏنو ۽ پائيدار ترقي لاءِ انهن جي ڪردار تي زور ڏنو، هن چيو تہ ذاتي ۽ مفادن تي ٻڌل سياسي ايجنڊائن کي رد ڪرڻ اڻٽر آهي۔
فيـلڊ مارشل جو چوڻ هو تہ بلوچستان جو مستقبل صوبي واسين جي ڊگهي مدي واري خوشحالي سان جڙيل آهي۔
هن وڌيڪ چيو تہ ڀارت جي حمايت يافتہ پراڪسي عناصر بلوچستان ۾ پُرتشدد ڪاررواين کي هوا ڏئي رھيون آهن ۽ ترقي جي عمل کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھن، اهڙن ناپاڪ ارادن کي سيڪيورٽي فورسز جي ڀرپور ڪاررواين سان ناڪام بڻايو ويندو ۽ صوبي کي دهشتگردي ۽ افراتفري کان پاڪ ڪيو ويندو۔
عاصم منير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي چيو تہ پاڪستان جي علائقائي سلامتي جي ڪنهن بہ قسم جي ڀڃڪڙي، سڌي هجي يا اڻ سڌي، جو سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو۔
چيف آف ڊفينس فورسز چيو تہ پاڪستان جون ھٿياربند فوجون شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ پرعزم آهن۔
آءِ ايس پي آر موجب، اجلاس جي پڄاڻيءَ تي سوالن جوابن جو سيشن بہ ٿيو، جنهن ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ بلوچستان جي ترقي ۽ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل جاري قدمن تي روشني وڌي۔…