ملڪي سلامتي، سيڪيورٽي  ۽ شھرين جي تحفظ تي سوديبازي نہ ٿيندي: فيلڊ مارشل

فہرستِ مضامین

فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي تہ پرڏيھي حمايت يافتہ دهشتگردي ۽ چئلينجز باوجود هٿياربند فوجون قومي سلامتي لاءِ  پُرعزم آهن.

آئي ايس پي آر موجب 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو ھڪ اھم پروگرام آھي، ھي پروگرام پالريامينٽرينز، اعليٰ سول ۽ عسڪري آفيسرن ۽ تعليمي توڙي سماجي شعبن سان تعلق رکندڙ نمائندگن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري ٿو.

آءِ ايس پي آر موجب ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي غيرقانوني سرگرمين جي خلاف جاري قومي قدمن بابت بہ بريفنگ ڏني وئي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ منظم ڏوھن وارن نيٽ ورڪن خلاف ڪاررواين بابت پڻ آگاهي ڏني وئي، ان انکاسواءِ بهتر بارڊر ڪنٽرولز ۽ غيرقانوني غيرملڪين جي واپسي بابت تازين اڳڀرائين کان بہ شرڪت ڪندڙن کي باخبر ڪيو ويو۔

ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي فيلڊ مارشل عاصم منير چيو تہ انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بہ قومي سلامتي لاءِ ڀرپور پيشوراڻي مهارت ۽ عزم جو مظاهرو ڪري رھيا آهن، هن چيو تہ علائقائي صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رھي آهي، وڌندڙ جيوپوليٽيڪل مقابلي، سرحد پار دهشتگردي ۽ هائبرڊ حربن جا اثر واضح آهن۔

فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ هو تہ پاڪستان هڪ اهم ملڪ آهي ۽ پنهنجي حيثيت موجب دنيا ۾ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي، معرڪہ حق ۾ پاڪ فوج جي پيشوراڻي صلاحيت، جذبي ۽ عزم عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۾ واڌارو ڪيو، سندن سڀ کان وڏي طاقت قومي يڪجھتي آھي.

هن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان آرمي لاءِ ملڪ جي سرحدي سلامتي، سيڪيورٽي ۽ هر پاڪستاني شهري جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، ملڪ جي سرحدي سلامتي ، سيڪيورٽي ۽ شھرين جي تحفظ تي ڪنهن بہ قسم جي سوديبازي نہ ٿيندي، اسان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائينداسين.

فيلڊ مارشل عاصم منير وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان مڪمل سھڪار جي عزم کي ٻيهر ورجائيندي چيو تہ پائيدار امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ قومي ڪوششون ۽ ادارن وچ ۾ هم آهنگي نهايت ضروري آهي۔…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں