ڳڙھي خدا بخش ڀٽو: صدر آصف علي زرداري چيو آهي تہ اسان ڀارت جا وڌيڪ جهاز ڪيرائي پئي سگهياسين پر ان تي ٿورو رحم ڪيو، جيڪڏھن ڪنهن ٻيهر جنگ مڙھي تہ اسان تيار آهيون.
ڳڙھي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو تہ پاڪستان کپي جو نعرو بي بي جو ئي نعرو هو.
هن چيو مودي کي خبر پئجي وئي تہ اسان پاڪستان جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڀارت شڪر ڪري تہ اسان ان جو لحاظ ڪيو نہ تہ ان جا سڀ جهاز ڪيرائي پئي سگهياسين، ڪنهن پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏٺو ته ياد رکي هتي زرداري ويٺو آهي، پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندڙ ياد رکن ته پ پ ۽ جيالا موجود آهن.
سندس چوڻ هو تہ اسان اهڙو چيف ٺاهيو، جنهن ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ڀات کي خبر پئجي وئي آهي ته اسان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، پاڻ کي دنيا جي وڏي معيشت چوندڙ اسان سان 4 ڏينهن جنگ نہ ڪري سگهيا، توھان اها دل ڪٿان آڻيندئو جيڪا اسان جي فوجي سربراهہ جي آھي.
آصف زرداري چيو تہ ڀارت وڏي طاقت آهي پر پاڪستان جهڙي دل ۽ گڙدا ڪٿان آڻيندو؟ ڀارت پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جهڙي دل ۽ گڙدا ڪٿان آڻيندو؟ مان پنهنجي ورڪرن کي چيو تہ توھان بچي رھو مان اڪيلو مقابلو ڪندس، منهنجي ملٽري سيڪريٽري چيو تہ سر جنگ شروع ٿي وئي آهي بنڪر ۾ هلو، مان کيس چيو ته اسان ميدان ۾ مرندا آهيون اسان تيار آهيون.
هن چيو اسان وڙھڻ نٿا چاهيون پر جيڪو بہ هٿ اسان ڏانهن وڌندو تہ جواب ڏينداسين، ڪير اسان ڏانهن ميري اک سان ڏسندو تہ ياد رکي اسان جو چيف انهن کي ٽوٽا چٻائيندو…..