ملير جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ وارو واقعو: ” ھي نظام جي ناڪامي آھي“: جاچ رپورٽ

فہرستِ مضامین

رپورٽ: اسحاق سرڪي/ ڪراچي

3جون 2025 تي ملير جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد رپورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ حوالي ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ اڳوڻي جيل سپرينٽنڊنٽ ارشد شاھه، اسسٽنٽ سپرينٽنڊنٽ عبدالله خاصخيلي ۽ ڊپٽي سپرينٽنڊنٽ ذوالفقار پيرزادو کي ذميوار قرار ڏئي سندن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته سموري معاملي ۾ آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي جيل بھ غفلت جو مظاھرو ڪيو، قيدين جو فرار ٿيڻ انتظاميه ۽ اداري جي ناڪامي آھي، جيل ۾ سڪيورٽي نه ھجڻ برابر آھي.

جيل مان قيدين جو فرار ٿيڻ نظام جي ناڪامي آھي: رپورٽ

جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو ته ملير جيل مان 225 قيدين جو فرار ٿيڻ غفلت نه پر سڄي نظام جي ناڪامي آھي، جنھن کي بھتر ڪرڻ جي ضرورت آھي، جاچ ڪميٽي طرفان جيل جي مضبوطي لاءِ مختلف سفارشون به پيش ڪيون ويون، سفارش ڪئي وئي ته جيل جا دروازا ڀتيون ۽ ڪنٽرول پوائنٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي

 جيل ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون  24 ڪلاڪ فعال ھجڻ گھرجن، حساس هنڌن تي سينسر ۽ الارم سسٽم لڳايو وڃي، هٿيارن لاءِ ڌار جڳھھ ھجي، جتي اينٽي رائيٽ سامان ۽ ڊرونز کي محفوظ رکيو وڃي.

ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش

جيل مان قيدين جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي جاچ رپورٽ ۾ اڳوڻي جيل سپرينٽنڊنٽ ارشد شاھھ، اسسٽنٽ سپرينٽنڊنٽ عبداللھ خاصخيلي ۽ ڊپٽي شپرينٽنڊنٽ ذوالفقار پيرزادو کي ذميوار قرار ڏنو ويو،  جاچ ڪميٽي طرفان ٽنھي آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو تھ ٽنھي آفيسرن سموري معاملي ۾ غفلت جو مظاھرو ڪيو ويو، سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.

ملير جيل مان قيدي ڪڏھن فرار ٿيا ھئا؟

3 جون 2025 تي ڊسٽرڪٽ جيل ملير مان 225 قيدي فرار ٿي ويا  ھئا، جيل انتظاميھ موقف اختيار ڪيو ھو تھ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي لوڏن سبب قيدين جي بيرڪن مان ٻاھر ڪڍيو تھ اھي فرار ٿي ويا، پوليس موجب 78 قيدين کي ٻيھر گرفتار ڪيو ويو ھو، جڏھن تھ  ان دوران فائرنگ سبب ھڪ قيدي مارجي ويو، جڏھن تھ 4 اھلڪار بھ زخمي ٿي پيا ھئا، جنھن بعد پوليس پاران مختلف ھنڌن تي ناڪابندي ڪئي وئي ھئي، غفلت جو مظاھرو ڪندڙ آفيسرن کي عھدن تان ھٽايو ويو ھو.

فرار ٿيل قيدين پاران پاڻمرادو گرفتاري

3 جون 2025 تي ملير جيل مان قيدي جي فرار ٿيڻ بعد قيدين جي وارثن جو وڏو انگ جيل جي دروازي تي پھچي ويو ته جئين پنھنجن پيارن بابت ڪا ڄاڻ حاصل ڪري سگھن،  ڪجھھ قيدين پاڻمرادو گرفتار ڏني، جڏھن تھ ڪيترن ئي قيدين جا وارث کين پاڻمرادو ٿاڻي تي وٺي آيا، پوليس عملدارن ٻڌايو تھ فرار ٿيل قيدين مان اڪثر رضاڪاراڻي طور تي گرفتاريون ڏنيون، جڏھن تھ ڪجھھ قيدي ھن وقت تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا.

ملير جيل مان فرار ٿيل قيدي جو آپگھات

ڪراچي جي علائقي ماڙيپور جي ھڪ گھر مان 5 جون 2025 تي ھڪ ڄڻي جو ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ ھو تھ ھٿ آيل لاش ملير جيل مان فرار ٿيل ھڪ قيدي رضا جو آھي، واقعو آپگھات لڳي رھيو آھي، پر معاملي جي ھر پاسي کان جاچ ڪئي پئي وڃي، قيدي خلاف 30 مارچ 2022 تي عيدگاھھ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويوھو، قيدي آپگھات کان اڳ ھڪ وڊيو بھ رڪارڊ ڪئي، جنھن ۾ ھن چيو تھ ھو ٻين قيدين سان گڏ جيل مان فرار ٿيو ھو، جنھن دوران ھو زخمي بھ ٿي پيو ھو.

قيدين جي فرار ٿيڻ بعد انتظامي قانون ۾ تبديلي

ملير  جيل مان 225 قيدين جي فرار ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت طرفان جيل کاتي ۾ انتظامي عھدن تي مقررين واري قانون ۾ تبديلي ڪئي وئي، وقتي گورنر اويس قادر شاھھ قانون  ۾ تبديلي واري آرڊيننس جي منظوري ڏني، آرڊيننس تحت آءِ جي جيل ۽ ڊي آءِ جي جيل جي عھدن تي  سول سروس جي آفيسرن جي مقرري ڪري سگھبي، آرڊيننس تحت جيل سپرينٽنڊنٽ جي عھدي لاءِ بھ ڪنھن بھ سول سورس جي آفيسر کي مقرر ڪري سگھبو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں