ملتان ويجهو جلال پور پيرووالا وٽ موٽروي ايم 5 جو هڪ ٻيو حصو ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙھي ويو.چيف پوليس آفيسر ملتان موجب موٽروي ايم 5 جو اوڀر وارو حصو گھارو پوڻ سبب ٻوڏ ۾ لڙھي ويو آھي۔
سي پي او ملتان ٻڌايو ته ان کان اڳ ايم 5 جو اولهه وارو حصو به ٻوڏ ۾ لڙھي ويو هو، جڏهنته موٽروي پوليس ۽ اين ايڇ اي جو عملو مشينري سان گڏ واقعي واري هنڌ موجود آهي۔
هن ٻڌايو ته موٽروي تي درياءَ ستلج جو پاڻي تيز وهڪري سان درياءَ چناب ڏانهن وهي رهيو آهي، پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ گھاري ۾ پٿر وڌا پيا وڃن، اٺين ڏينهن به موٽروي بند آهي۔
ترجمان موٽروي پوليس هن حوالي سان ٻڌايو ته موٽروي ايم فائيو ٻوڏ سبب بند آهي، جڏهن ته ملتان کان سکر ويندڙ مسافر متبادل رستي سان سفر ڪري سگهن ٿا۔
موٽروي پوليس موجب ٽريفڪ شاه شمس انٽرچينج کان قومي شاهراهه ڏانهن وڃي سگهي ٿي ۽ اوچ شريف انٽرچينج کان ٻيهر موٽروي ايم 5 تي سفر ڪري سگهجي ٿو۔
ترجمان موٽروي پوليس چيو ته سکر کان ملتان ايندڙ مسافر ايم 5 اوچ شريف انٽرچينج ذريعي قومي شاهراهه تي سفر ڪري سگهن ٿا ۽ شير شاه انٽرچينج تان ٻيهر موٽروي ايم 5 سان ڳنڍجي سگهن ٿا۔