وزيراعلیٰ پنجاب مريم نواز سڀني شهرن ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ مفت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔
وزيراعلیٰ پنجاب جي ھدايتن تي اورينج لائن ٽرين، ميٽرو بس سروس ۽ اسپيڊو بس جي مسافرن کي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جي ضرورت نہ هوندي۔
گرين اليڪٽرڪ بس ۾ پڻ سفر دوران شهرين کي ٽڪيٽ خريد ڪرڻي نہ پوندي۔
وزيراعلیٰ پنجاب مريم نواز آبادگارن کي في ايڪڙ هڪ ليٽر ڊيزل تي 100 رپيا سبسڊي ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي۔
مريم نواز چيو تہ ڏکين حالتن ۾ عوام کي اڪيلو نہ ڇڏينداسين ۽ غيرمعمولي حالتن ۾ شهرين کي صلاح ڏني وئي تہ اهي ذاتي گاڏي جي بدران پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪن۔
هن چيو تہ جنگ جي نتيجي ۾ دنيا عالمي معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ حالتون جي بهتر ٿيڻ سان عوام جي معاشي بار کان جان آجي ڪرائي ويندي…….