مريم نواز جي سنڌ بابت تڪراري بيان خلاف صوبي ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ: وزير اعليٰ پنجاب معافي وٺي: سنڌ بار ڪائونسل

فہرستِ مضامین

سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي مريم نواز جي ڪئنالز بابت تڪراري بيان خلاف  سموري سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آھي.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي تڪراري ڪئنال بابت بيان تي سنڌ بار ايسوسي ايشن جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندي پنھنجو بيان واپس ۽ معافي وٺڻ جا مطالبا ڪيا ويا آھن.

خيرپور ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي مرڪزي سڏ تي خيرپور ۾ به عدالتي ڪاروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو، حاضري تي آيل ماڻهن کي نيون تاريخون ڏئي  واپس روانو ڪيو ويو .

وڪيل اڳواڻن چيو تہ پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز  سنڌ جي پاڻي واري معاملي تي ڏنل بيان کي سنڌ صوبي خلاف سازشي بيان سمجهون ٿا ۽ جنهن جي شديد مذمت ڪيون ٿا ۔

اھو بہ پڙھو تہ ”مريم نواز چيو ڇا ھو“؟

ھنن چيو تہ مريم نواز جي اهڙي بيان کي سنڌ بار ڪائونسل سميت سنڌ جون سموريون بار رد ڪن ٿيون، سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻن نه ڏينداسين .

مريم نواز کي چتاءُ ڏيون ٿا تہ اهڙا سنڌ دشمن بيان ڏيڻ کان پاسو ڪري ۽ اسان سنڌ جي پاڻي سان هٿ چراند وارين سازشون ڪڏهن قبول نه ڪنداسين جيڪڏهن مريم نواز سنڌ صوبي جي ماڻهن کان معافي نہ ورتي ته ايندڙ لائحہ  عمل انتهائي سخت هوندو۔

مريم نواز فيصل آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مخالفن تي تنقيد ڪئي هئي ۽ چيو هو تہ، “منهنجو پاڻي، منهنجو پئسو، ڪنهن سان ڪهڙو مسئلو آهي؟ جيڪي پنجاب کي صلاح ڏين ٿا انهن کي پنهنجون صلاحون پاڻ تائين رکڻ گهرجن.”

پيپلز پارٽي ڪھڙو رد عمل ڏنو؟

مريم نواز چيو تہ اين ايف سي ۾ چئني صوبن کي هڪجهڙا پئسا ملندا آهن، توهان پئسا ڪٿي لڳايو ٿا؟ گھرڻ جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، پنجاب ڪڏهن به توھان جي معاملي ۾ مداخلت نہ ڪئي آهي، توھان کي بہ پنجاب جي معاملي ۾ مداخلت نہ ڪرڻ گهرجي، توهان وٽ هر شيءِ جو حل ڪشتو جھلي بيھڻ آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں