راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي جاڙن شهرن ۾ ڪيترائي رستا ٽئين ڏينهن به بند رهيا، جڏهن ته، موبائل فون ۽ سيلولر انٽرنيٽ سروس جزوي طور تي بحال ڪئي وئي.
مذهبي گروهن جي احتجاج سبب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٽئين ڏينهن به عام زندگي سخت متاثر آهي، مختلف هاءِ ويز ۽ داخلا رستا بند ٿيڻ سبب شهري آمدورفت ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ميٽرو بس سروس ايندڙ اطلاع تائين معطل آهي.
راولپنڊي شهر جي اندروني علائقن ۾ رهائشي علائقن ڏانهن ويندڙ رستا ٽرئفڪ لاءِ کوليا ويا آهن، جڏهن ته مري روڊ سان لاڳاپيل علائقن جي گهٽين مان رڪاوٽون هٽايون ويون آهن. تنهن هوندي به، راولپنڊي-اسلام آباد جون مکيه شاهراهون اڃا تائين بند آهن.
مري روڊ، فيض آباد، ايڪسپريس وي ۽ آءِ جي پي روڊ بند آهي.
ذريعن موجب راولپنڊي ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستن تي اڃا تائين رڪاوٽون آهن، جنهن جي ڪري شهر ۾ پيادل ويندڙ ماڻھن لاءِ رستا بند آهن.
روڊ رستا بند ٿيڻ سبب مريضن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ۽ اسپتالن تائين پهچڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي موٽر وي پوليس موجب، لاهور کان اسلام آباد تائين ايم 2 موٽر وي کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، جنهن کان پوءِ ٽريفڪ جي آمدورفت معمول مطابق جاري آهي.
اسلام آباد ايڪسپريس وي کي به جزوي طور تي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، نائنٿ ايونيو کي ڊبل روڊ سان ڳنڍيندڙ روڊ کي به جزوي طور تي بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته راولپنڊي کان فيض آباد تائين روڊ اڃا تائين بند آهي.