اسلام آباد: اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي۔
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ بڻجي ويو آھي۔
نوٽيفڪيشن موجب قومي اسيمبلي بزنس رولز تحت اپوزيشن ليڊر جي مقرري 16 جنوري 2026 کان لاڳو ٿيندي۔
اپوزيشن ليڊر جو عهدو 9 مئي ڪيس ۾ عمر ايوب خان جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيو هو۔
پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهہ ۽ اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻ محمود اچڪزئي کي باني پي ٽي آءِ عمران خان اپوزيشن ليڊر نامزد ڪيو هو۔