محسن نقوي جي لنڊن ۾ برطانوي اختيارن سان ملاقات، ڪجھ پاڪستانين کي حوالي ڪرڻ بابت ڳاليھون

فہرستِ مضامین

وفاقي گھرو وزير محسن نقوي لنڊن ۾ برطانوي پرڏيھي کاتي جي اختيارن سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ ڪجھ پاڪستانين کي حوالي ڪرڻ بابت بہ ڳالھيون ٿيون

ملاقات ۾ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سان پاڪستاني ھاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل بہ موجود ھو.

ذريعن موجب گھرو وزير محسن نقوي ڪجھ پاڪستانين کي حوالي ڪرڻ بابت بہ ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انھن طرفان پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ بابت آگاھ ڪيو.

محسن نقوي پرڏيھي آفيس جي اختيارن کي بہ پاڪستان جي اميگريشن نظام ۾ بھتري لاءِ تبديلين کان آگاھ ڪيو.

ياد رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ اسلام آباد ۾ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سان برطانوي ھاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي ھئي، جنھن ۾ پاڪ برطانيہ لاڳاپن، سيڪيورٽي سھڪار ۽ گڏيل دلچسپي واري معاملن تي تفصيلي ڳالھيون ٿيون ھون، ان کانسواءِ برطانيہ ۾ غيرقانوني طور ترسيل پاڪستانين جي وطن واپسي جي معاملن تي بہ ڳالھيون ٿيون ھيون.

ان  دوران گھرو وزير شھزاد اڪبر ۽ عادل راجہ جي حڪومت طرفان حوالي ڪرڻ جا ڪاغذ برطانوي ھاءِ ڪمشنر حوالي ڪيا…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں