محسن نقوي، عمران خان جي علاج ۾ دير جو ذميوار عليمہ خان کي قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

لاھور: وفاقي گھرو وزير محسن نقوي، عمران خان جي علاج ۾ دير جو الزام عليمہ خان کي قرار ڏيندي چيو آھي تہ عليمہ خان، عمران خان جي بيماري واري مامري تي سياست ڪري رھي آھي، سياسي قيادت ۾ اتفاق ٿي وڃي ٿو تہ عليمہ خان منع ڪري ٿي ڇڏي.

لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي محسن نقوي چيو تہ عمران خان جـِي اک بابت پروپئگينڊا ڪئي وئي، اسان عمران خان جي علاج لاءِ بھترين ڊاڪٽرن جي چونڊ ڪئي پر پي ٽي آءِ جو مطالبو ھو تہ عمران خان کي ھڪ ھفتي لاءِ اسپتال داخل ڪيو وڃي، جيڪو ممڪن نہ آھي.

ھن چيو تہ  پي ٽي آءِ قيادت کي چيو تہ اوھان اچو ۽ پنھنجي موجودگي ۾ ڊاڪٽرن جو چيڪ اپ ڪرايو، بئريسٽر گوھر ٻڌايو تہ پارٽي قيادت مشاورت ڪئي آھي تہ ھو نہ ايندا،  مامري تي سياست ڪرڻ سبب 3 ڏينھن عمران خان جو چيڪ اپ دير سان ٿيو.

محسن نقوي جو چوڻ ھو تہ سياسي ليڊر ھر مامري تي آن بورڊ ھوندا آھن پر عليمہ خان ھر مامري کي ويٽو ڪري ڇڏيندي آھي، عمران خان جي علاج لاءِ بھترين ڊاڪٽرن جي چونڊ ڪئي، علاج جي مامري ۾ ڪو بہ قيدي ھجي، آئين ۽ قانون تحت سھولت فراھم ڪنداسين.

گھرو وزير چيو تہ عليمہ خان پنھنجي پارٽي اڳواڻن چيو تہ عمران خان جي علاج مامري تي حڪومت جو موقف تسليم ناھي ڪرڻو، جيڪڏھن ائين ڪيو تہ اسان جو اشو ھيٺ ھليو ويندو، عليمہ خان جي ڪري ئي ميڊيڪل چيڪ اپ نہ ٿي سگھيو، عمران خان جي علاج تي ڀرپور سياست ڪئي وئي…

پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوھر چيو آھي تہ ملاقات نہ ٿيڻ سبب عمران خان جي صحت جا مامرا ايتري تائين پھتا آھن، جيڪڏھن ملاقاتون ٿين ها تہ صورتحال ايتري سنجيدہ نہ ٿئي ھا.

پارليامينٽ ھائوس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي بئريسٽر گوھر چيو تہ اڱارو عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جو ڏھاڙو ھوندو آھي، بشريٰ بي بي ۽ وڪيلن جو ملاقاتون سندن حق آھي.

ھن چيو تہ عمران خان سان پارٽي اڳواڻن جي ملاقات نٿي ڪرائي وڃي، جيڪڏھن ملاقات ٿئي ها تہ خبر هجي ها تہ عمران خان جو علاج ڪنهن ڪيو ۽ فيملي بہ مطمئن ھجي ھا.

ھڪ سوال جي جواب ۾ بئرسٽر گوھر چيو تہ جيل ۾ رياست جي ذميواري آهي تہ عمران خان جي صحت جو خيال رکي.

علي امين گنڊاپور جي بيان تي ڳالھائيندي بئريسٽر گوھر چيو تہ ھن موقعي تي اھڙي ڳالھ نہ ڪرڻ گھرجي، جنھن جو ماڻھو غلط مطلب ڪڍن….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں