ڪنڊيارو-رپورٽ: ابراهيم جوکيو
محبت ديرو ۾2 ھفتا اڳ مبينا زيادتي جو نشانو بڻجڻ بعد وڏيري وٽ سام طور ترسايل ناري فائزا چنا کي مبينا طور قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. مقتولھ جو لاش ڪنڊيارو اسپتال پھچايو ويو.
اسپتال ۾ موجود ناريءَ جي وارثن ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو تھ فائزا سان پنھنجي ئي برادري جي ماڻھن زيادتي ڪئي ھئي، فائزا کي فيصلي تائين علائقي جي وڏيري عزيز اللھ ڏھراج وٽ سام طور ترسايو ويو ھو.
وارثن موجب جوابدارن الائي ڪيئن فائزا کي اغوا ڪري پنھنجي گھر وڃي زھر يا ڪا ٻي شيءِ پياري ماري ڇڏيو، مقتولھ ناري جي ھڪ وارث عورت چيو تھ فائزا منھنجي ڀائيٽي جي ڌيءَ ھئي، ساڻس وڏو ظلم ڪيو ويو آھي.
فائزا سام طور نه ملازمه جي حيثيت ۾ ترسيل هئي
ڊبليو ٽي اين پاران رابطو ڪرڻ تي وڏيري عزيز اللھ ڏھراج چيو تھ فائزا چنا مون وٽ سام طور ترسيل نھ ھئي پر مون وٽ ڪم ڪندي ھئي، سندس وارث بھ مون وٽ ملازم ھئا ۽ ڇوڪري سان زيادتي جو فيصلو بھ مون وٽ ٿيو ھو.
وڏيري وڌيڪ ٻڌايو تھ فائزھ چنو سان زيادتي ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر تي 4 لک ڏنڊ ۽ سڱ چٽي جو فيصلو ٻڌايو ويو ھو، ھن ٻڌايو تھ متاثرھ ڇوڪري فائزھ سان زيادتي ڪندڙ نوجوان لعل ڏنو جي شادي ڪرڻ جو فيصلو بھ ٻڌايو ويو ھو.
وڏيري عزيز اللھ ڏھراج چيو تھ ڇوڪري کي زھر ڏنو ويو آھي يا کيس قتل ڪيو ويو آھي، ان جي مون کي خبر نھ آھي، ڇاڪاڻ تھ ھوءَ ان وقت مون وٽ ترسيل نھ ھئي.
زيادتي ۽ قتل جو 2 جوابدارن خلاف ڪيس داخل
محبت ديرو ۾ زيادتي بعد ناري فائزھ چنا جي قتل جو 2 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، مقتولھ جي والد الھھ ورايو چنا جي فرياد تي ٻن جوابدارن لال ڏنو ۽ سندس ڀاءُ عبدالجبار چنا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آھي تھ چار مھينا اڳ جوابدار لال ڏنو سندس نياڻيءَ سان ڏاڍائي ڪئي ھئي، اھڙي معاملي جو چـڱن مڙسن نبيرو ڪندي جوابدار ڌر تي 4 لک ڏنڊ وڌو ھو ۽ فيصلو ڪيو ھو تھ جوابدار لال ڏنو فائزھ سان شادي ڪندو.
فريادي ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو تھ فيصلي تي عملدرآمد کان بچڻ لاءِ جوابدار لال ڏنو پنھنجي ڀاءُ سان گڏجي منھنجي ڌيءَ کي زھريليون گوريون کارائي کيس قتل ڪيو.
ناري کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو هو
ڪنڊيارو سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر رفيق جو چوڻ آھي تھ ڪالھھ صبح جو متاثر ڇوڪري بيھوشي جي حالت ۾ اسپتال آندي وئي ھئي، ڇوڪريءَ جي مائٽن ٻڌايو تھ ھن زھريليون گوريون کاڌيون آھن.
ايم ايس چيو تھ ڇوڪريءَ جي طبيعت بھتر ٿيڻ تي کيس گمبٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو، گذريل رات ڇوڪريءَ کي ٻيھر اسپتال آندو ويو تھ ھوءَ فوت ٿي چڪي ھئي.
سول اسپتال جي ايم ايس چيو تھ محبت ديرو پوليس ڇوڪري جي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏنو، لاش مان سيمپل وٺي ليب اماڻيا ويا آھن، ڪنڊيارو اسپتال جي ليڊي ڊاڪٽر شروعاتي رپورٽ سڀاڻي صبح تائين جاري ڪندي.
ايس ايس پي جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي، رپورٽ طلب
ايس ايس پي نوشھروفيروز روحيل کوسو واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي، ايس ايڇ او ڪنڊيارو ۽ ڊي ايس پي محرابپور تي ٻڌل 3 رڪني جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آھي، جيڪا ٻن ڏينھن اندر پنھنجي رپورٽ پيش ڪندي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آھي تھ 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. واضح رھي تھ ڏاڍائي جو شڪار ٿيل فائزھ کي فيصلي لاءِ مقامي وڏيري وٽ سام طور بھ ترسايو ويو ھو.
وارثن موجب جوابدارن ڇوڪريءَ کي وڏيري وٽان کڻي وڃي ڪري زھر ڏئي ماري ڇڏيو.