مائي ڪلاچي روڊ تي مين ھول مان عورت ۽ ٻار سميت چئن ڄڻن جا لاش ھٿ

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ مائي ڪلاچي روڊ تي مين ھول مان عورت ۽ ٻار سميت چئن ڄڻن جا لاش ھٿ آيا آھن، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

پوليس موجب مائي ڪلاچي روڊ ڦاٽڪ ويجھو مين ھول مان مجموعي طور تي چئن ڄڻن جا لاش مليا آھن، جن ۾ 2 عورتون، ھڪ مرد ۽ ھڪ ٻار شامل آھي.

اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ايڌي رضاڪارن جي مدد سان لاش ڪڍي ويجھي اسپتال منتقل ڪيا جتي انھن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آھي.

پوليس موجب جوابدارن لاش مين ھول ۾ اڇلڻ بعد مٿان پٿر وجھي ڇڏيا ھئا، لاش 10 کان 15 ڏينھن پراڻيون آھن، پوسٽ مارٽم ۾ موت جي ڪارڻ جو تعين ڪيو ويندو.

پوليس موجب معاملي جي ھر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد حقيقتون پڌريون ڪيون وينديون……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں