مائيڪرو پلاسٽڪس، پلاسٽڪ جي وڏين شين جا ٽٽل اھي ذرا آھن، جيڪي نھ رڳو اسان جي ماحول ۾ موجود آھن پر انساني جسم ۽ اسان جي ھڏن مان بھ ملي رھيا آھن.
اھي ذرا 5 ملي ميٽرز جي سائيز کان بھ گھٽ ھجن ٿا، جيڪي کاڌي پيتي ۽ ساھ کڻڻ ذريعي اسان جي جسمن اندر داخل ٿي وڃن ٿا. پاڪستان ۾ ماحولياتي گدلاڻ، پلاسٽڪ جو وڌندڙ استعمال ۽ ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو مناسب انتظام نھ ھئڻ سبب مائيڪرو پلاسٽڪس اسان لاءِ وڏو خطرو بڻيل آھن.
مائيڪرو پلاسٽڪس جسماني پاڻياٺ جھڙوڪ؛ لٻ، رت، بلغم ۽ ماءُ جي ٿڃ مان بھ مليا آھن، سائنسي تحقيق موجب اھي انسان جي مختلف عضون جگر، بڪين، تري ۽ دماغ مان بھ مليا آھن ۽ ايتري تائين جو اسان جي ھڏن جي اندرين حصن ۾ بھ انھن جي موجودگي ريڪارڊ ڪئي وئي آھي.
پلاسٽڪ جو استعمال 1920 کان شروع ٿيو ۽ 1960 ۾ چوٽ تي پھتو

محقق چون ٿا تھ انساني معاشري ۾ پلاسٽڪ جو استعمال سڀ کان پھرين 1920 جي ڏھاڪي ۾ وڏي پيماني تي شروع ٿيو ھو ۽ 1960 جي ڏھاڪي ۾ ان جي استعمال ۾ وڏو اضافو ڏسڻ لاءِ مليو.
محققن موجب پلاسٽڪ جي استعمال کان اڳ واري دور ۽ ھاڻوڪي دور جي ماحولياتي ۽ انساني سيمپلز ۾ وڏو فرق ڏسڻ ۾ مليو آھي. پلاسٽڪ جا ڪجهه ذرات اڻٽر طور فضائي گدلاڻ ذريعي مٽيءَ ۾ شامل ٿي ويا هوندا ۽ توهان ٽريڪٽر جي ٽائرن مان به مائڪروپلاسٽڪس خارج ٿيڻ جي توقع ڪري سگھو ٿا.
مختلف کوجنائن موجب سموري دنيا ۾ انسان اڄ تاريخ جي ڪنھن بھ ٻئي دور کان وڌيڪ مائڪروپلاسٽڪس کائي رھيو آھي ۽ ساھ ذريعي پنھنجي جسم ۾ داخل ڪري رھيو آھي.
2024 ۾ شايع ٿيل ھڪ رپورٽ موجب سائنسدانن جو چوڻ آھي تھ 1990 کانپوءِ انھن ذرڙن جي استعمال ۾ ڇھوڻ تي اضافو ٿيو آھي.آمريڪا، چين، وچ اوڀر جا ڪجھھ ملڪ، اتر آفريڪا ۽ نورڊڪ ملڪ انھن جي واھپي جا ڳڙھ بڻيل آھن.
پاڪستان ۾ به پلاسٽڪ جو استعمال تيزيءَ سان وڌيو آهي، جنهن ڪري فضائي ۽ آبي گدلاڻ ۾ مائڪروپلاسٽڪس جي مقدار ۽ واھپي ۾ اضافي جو خدشو آهي، خاص طور انھن شهرن ۾ جتي ڪچرو ساڙڻ جو رواج عام آهي.
مائيڪرو پلاسٽڪس ڪيترا ھاڃيڪار آھن؟ لنڊن ۾ رضاڪارن تي تجربو
مائڪروپلاسٽڪس اسان جي صحت کي ڪيئن متاثر ڪري رهيا آهن؟ اهو معلوم ڪرڻ مشڪل ثابت ٿيو آهي. ان جو پتو لڳائڻ جو هڪ طريقو طبي حلقن ۾ “انساني چيلنج ٽرائل” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هي عام طور وبائي بيمارين جي شعبي ۾ ڪيو وڃي ٿو.
ھن طريقي تحت رضاڪارن کي ڄاڻي واڻي ڪنهن پيٿوجن (بيماري پيدا ڪندڙ جراثيم) کان متاثر ڪيو وڃي ٿو ته جيئن سائنسدانن کي انساني جسم تي ان جي اثرن کي بهتر طور سمجهڻ ۾ مدد ملي.
2025 جي شروعات ۾ لنڊن جي ھڪ ليب ۾ 8 بھادر رضاڪارن پاڻ کي اھڙي ھڪ تجربي لاءِ پيش ڪيو، ھڪ ننڍڙي فيس جي عيوض ھنن مائڪروپلاسٽڪس مليل ھڪ پاڻياٺ پي ڇڏي.
مائنڊرو فائونڊيشن جي مالي مدد سان ڪيل هي خصوصي تجربو ۽ مشاھدو پھريون چئلينج ٽرائل ھو، جنھن جا نتيجا اڃا تائين شايع نھ ٿيا آھن.
تجربي جي اڳواڻي ڪندڙ امپيريل ڪاليج لنڊن جي محقق اسٽيفني رائيٽ جو چوڻ آهي ته اسان مان ڪيترائي ماڻهو روزانو پنهنجي جسمن تي اهو ئي تجربو اڻڄاڻائي ۾ ڪري رهيا آهن.
ٽيم انهن عام طريقن جي نقل ڪئي جن ذريعي اسان مان ڪيترائي ماڻهو مائڪروپلاسٽڪس استعمال ڪندا آهن، مثال طور پلاسٽڪ سان بند ٿيل چانهه جون ٿيلهيون، گرم پاڻي ۾ ٻوڙڻ يا پلاسٽڪ جي ڪنٽينر ۾ پاڻياٺ
کي مائڪرو ويو ڪرڻ ۽ پوءِ رضاڪارن کي اها پاڻياٺ پيئڻ لاءِ چيو ويو ۽ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اڳتي ڇا ٿيندو.
رائيٽ چوي ٿي، “اسان ڄاڻون ٿا ته پلاسٽڪ ۾ گرم ڪيل پاڻي جو استعمال بدترين حالت آھي ۽ هي عام طور استعمال ٿيندڙ پلاسٽڪ جي شين مان مائڪروپلاسٽڪس جي نيڪالي کي واقعي آسان بڻائي سگهي ٿو. تنهنڪري اسان اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهيون ٿا ته انهن مائڪروپلاسٽڪس مان ڪيترا ذرڙا واقعي اسان جي آنڊن مان جذب ٿي واپس رت ۾ وڃن ٿا.”
ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ رائيٽ 10 ڪلاڪن دوران بار بار رضاڪارن جي رت جي ماپ ڪئي. هي ڊيٽا، جڏهن هن سال جي آخر ۾ شايع ٿيندي تھ پھريون ڀيرو خبر پوندي تھ پلاسٽڪ جي ٿيلي مان چانھن واپرائڻ يا مائڪرو ويو ۾ تيار ڪيل کاڌي کانپوءِ اسان جي جسمن ۾ گردش ڪندڙ مائيڪرو پلاسٽڪس جو عام مقدار ۽ انھن جي سائيز ڇا ھوندي آھي.
انساني جسم پلاسٽڪ پارٽيڪلز کي ٽوڙي سگھي ٿو؟

رائيٽ جي خيال ۾، هيءَ معلومات عام ماڻهو لاءِ صحت جي امڪاني خطرن کي بهتر طور سمجهڻ جي رستي ۾ هڪ ٻئي قدم جي نمائندگي ڪندي. رائيٽ چوي ٿي تھ اسان کي اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته انساني جسم ۾ داخل ٿيندڙ پلاسٽڪ پارٽيڪلز ڪيتري مقدار ۾ واپس نڪري اچن ٿا؟
وڏي پريشاني اها آهي ته اهي ڪٿي ختم ٿي رهيا آهن ۽ ڇا اهي ڪٿي گڏ ٿي رهيا آهن؟ اهو ناممڪن ٿو لڳي ته اسان جو جسم انهن کي مڪمل طور ٽوڙڻ جي قابل هجي
2024 جي آخر ۾ چيني محققن انهن مريضن جي هڏن ۽ عضون جي نمونن ۾ مائڪروپلاسٽڪس دريافت ڪيا، جن جي ڪلهن، هڏن يا ڪلهن تي جوڙن جي مٽا سٽا جي سرجري ٿي هئي. مشاھدي دوران سائنسدانن هن دريافت تي پريشاني جو اظهار ڪيو.
ھنن خدشو ظاھر ڪيو ته هڏن يا عضون ۾ مائڪروپلاسٽڪس جي موجودگي ڪنهن فرد جي ورزش ڪرڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ٻين اڀياسن مان بھ ظاهر ٿئي ٿو ته مائڪروپلاسٽڪس جا ڪجھھ قسم هڏن يا عضون جي خلين جي واڌ کي روڪي سگھن ٿا.
مائڪروپلاسٽڪس جو دل جي بيمارين ۽ دماغ سان تعلق
2024 جي شروعات ۾ اطالوي محققن جي هڪ گروپ شروعاتي مرحلي وارن دل جي مريضن جي دماغ کي رت پھچائيندڙ وڏين رڳن ۾ مائڪرو پلاسٽڪس جي موجودگي جي نشاندھي ڪئي. ھنن انھن ذرن جي موجودگي کي بيماري جي واڌ جو ڪارڻ قرار ڏنو ۽ چيو تھ جن ماڻھن جي پليڪس ۾ اھي مائڪرو پلاسٽڪس ھئا انھن ۾ فالج، دل جو دورو يا اوچتو موت جي خطري جا امڪان 4 کان 5 ڀيرا وڌيڪ ھجن ٿا.
فيبروري 2025 ۾ سائنسدانن جي هڪ ٻئي گروهه انساني لاشن جي دماغ ۾ مائڪروپلاسٽڪس جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي. جن ماڻهن ۾ موت کان اڳ ڊيمينشيا بيماري جي تشخيص ٿي هئي، انهن جي دماغ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾
مائيڪرو پلاسٽڪس ڏھوڻ تي وڌيڪ مليا.
هن مطالعي جي اڳواڻي ڪندڙ يونيورسٽي آف نيو ميڪسيڪو جي ٽاڪسيڪالوجي پروفيسر ميٿيو ڪيمپين چيو تھ “اسان کي صدمو ٿيو.”
دماغ جي ڳالهه ڪجي ته ڪيمپين کي يقين آهي ته رت جي وهڪري ۾ گردش ڪندڙ ننڍا پلاسٽڪ جا ذرا دماغ جي اعليٰ ميٽابولزم کي متاثر ڪري سگهن ٿا ۽ لپڊز سڏائيندڙ چرٻي جي ذريعي اسان جي مرڪزي اعصابي نظام ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.
مائيڪرو پلاسٽڪس جي خطري کي ڪيئن منھن ڏجي؟
مائيڪرو پلاسٽڪس جي ذرن کي جسم ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پلاسٽڪ جو استعمال گھٽائڻو پوندو، خاص ڪري کاڌي پيتي جون شيون واپرائڻ وقت احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو.
کاڌي پيتي جون شيون واپرائڻ توڙي ذخيرو ڪرڻ لاءِ پلاسٽڪ جي بوتلن، ٿيلين، گلاسن ۽ ٻين ٿانون جي جاءِ تي شيشي، اسٽين ليس اسٽيل ۽ ٻين ڌاتن جو استعمال ڪرڻو پوندو. ڪاسميٽڪس ۾ بھ پلاسٽڪ جي ذرن جو وڏو استعمال ٿئي ٿو، اھڙيون ڪاسميٽڪس واپرائڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.
پولسٽر ۽ ٻين ھٿرادو مادن مان تيار ٿيل ڪپڙن بدران ريشم، ڪپھھ ۽ ٻين قدرتي ريشن مان تيار ٿيل لباس پھرڻ گھرجن. مائيڪرو پلاسٽڪس جي خطري مان ڇوٽڪارو ماڻڻ لاءِ پلاسٽڪ جو استعمال ختم ڪرڻو پوندو.
وڏو الميو اھو آھي تھ اعلانن باوجود پاڪستان ۾ پلاسٽڪ بيگس جي استعمال تي بھ اڃا تائين مڪمل پابندي نھ لڳي سگھي آھي.