عالمي رسالي “ ڪيرولائنا پوليٽيڪل ريويو ” ۾ چيو ويو آھي تہ 2025 ۾ پاڪستان عالمي سياست ۾ ٻيهر اهم حيثيت حاصل ڪئي، مئي ۾ پاڪستان-ڀارت تڪرار پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۽ ساک کي مضبوط ڪيو.
عالمي رسالي موجب پاڪستان اثرائتي سفارتڪاري ذريعي واشنگٽن جو اعتماد بحال ڪري لاڳاپن کي نئون رخ ڏنو، آمريڪا پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا، نار ۽ وچ ايشيا تائين پھچ ۾ اهم پل قرار ڏنو، آمريڪا پاڪستان جي جغرافيائي اهميت کي مرڪزي حيثيت ڏني، پاڪستان جون بندرگاهون، خاص طور تي بلوچستان ۾ گوادر وڏو اثاثو آهن.
عالمي رسالي ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ پاڪستان سي پيڪ سان گڏ گھڻي دير وارو توازن برقرار رکندي نوان معاشي رستا کوليا، نومبر ۾ ٽرمپ انتظاميہ پنهنجي قومي سلامتي جي حڪمت عملي شايع ڪئي، پاڪستان قومي سلامتي جي مفادن جي حاصلات لاءِ آمريڪا جو اهم اتحادي هوندو.
عالمي رسالي موجب آمريڪا ۽ پاڪستان لاڳاپن ۾ تازي تبديلي دنيا جي ميڊيا جو ڌيان ڇڪايو، ڀارت-پاڪستان تڪرار ۾ آمريڪا کي ڊي ايسڪليشن لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پيو، صدر ٽرمپ جو ڪشمير بابت بيان پاڪستان جي سفارتي موقف ۽ پوزيشن جي تائيد آهي.
عالمي رسالي ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ پاڪستان سفارتي ميدان تي نفسياتي برتري حاصل ڪئي جڏھن تہ ڀارت پوئتي رھجي ويو، لابنگ، پاليسي اينگيجمينٽ ذريعي لاڳاپن کي معيشت ۽ حڪمت عملي ڏانهن موڙيو ويو، پاڪستان ۽ آمريڪا معدنيات جي ريفائننگ ۽ پروسيسنگ لاءِ 500 ملين ڊالر جا ڪيترائي سودا ڪيا.
عالمي رسالي جي رپورٽ موجب ايگزم بئنڪ بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ ۽ معدنيات لاءِ 1.25 بلين ڊالر فنانسنگ منظور ڪئي، پاڪستان ٻيهر اينگيجمينٽ ڪندي آمريڪا سان لاڳاپن کي “پائيدار مفاد” جي رخ ۾ وڌايو…….