لڪي مروت ۾ ڌماڪو، 5 ٻار مارجي ويا، 13 زخمي

فہرستِ مضامین

لڪي مروت ( ويب ڊيسڪ ) خيبر پختونخواھ جي ضلعي لڪي مروت جي ڳوٺ سربند ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ٻار مارجي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا آھن.

ڌماڪي جي نوعيت جي باري ۾ مختلف اطلاع ملي رھيا آھن پر پوليس اختيارين جو چوڻ آھي تھ ٻارن کي آر پي جي سيون جو ھڪ گولو مليو ھو، جنھن سان ڌماڪو ٿيو.

پوليس موجب سربند جي علائقي شيخ خيلھ ۾ بھ گذريل رات ھڪ گھر تي گولو ڪرڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون ھيون.

لڪي مروت پوليس جي ذريعن موجب سربند ڳوٺ ۾ ٻارن کي آر پي جي سيون جو گولو مليو ھو، جنھن سان ھو کيڏي رھيا ھئا تھ ان دوران ڌماڪو ٿيو.

پوليس ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ٻار اجل جو شڪار ۽ 13 زخمي ٿي پيا آھن، زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ھئي، جن کي بنون اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي، مارجي ويل ٻارن جي عمر 2 کان 7 سالن تائين ٻڌائي پئي وڃي

پوليس موجب سٽي اسپتال ۾ ٻن لاشن جا لاش ۽ چئن زخمين کي آندو ويو، ھڪ زخمي کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو، جڏھن تھ باقي زخمي ڊسٽرڪٽ اسپتال لڪي مروت ۾ علاج ھيٺ آھن.

حالتن جو جائزو وٺي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين

لڪي مروت جي مقامي اڳواڻ ۽ امن جرڳي جي ميمبر نصير تراب خان سٽي اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ مروت برادري جا سمورا اڳواڻ ۽ قائد ان ڳوٺ ۾ وڃي حالتن جو جائزو وٺندا ۽ حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.

واقعي کانپوءِ لڪي مروت اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ اسپتال انتظاميا پاران سموري عملي کي اسپتال ۾ حاضر رھڻ جو حڪم ڏنو ھو.

گذريل ڏينھن بھ باجوڙ ۾ مارٽر شيل ڦاٽو ھو

واضح رھي تھ گذريل ڏينھن بھ خيبرپختونخواھ جي ضلعي باجوڙ ۾ ھڪ مارٽر شيل گھر تي ڪرڻ سبب ھڪ ئي ڪٽنب جا 4 ماڻھو زخمي ٿي پيا ھئا.

ترجمان باجوڙ پوليس موجب گوھاتي مھمند واري علائقي ۾ ھڪ مارٽر شيل ڪريو، جنھن سبب ڌماڪو ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ 4 ماڻھو زخمي ٿيا ھئا، زخمين کي طبي امداد لاءِ تعلقي ھيڊڪوارٽرز اسپتال منتقل ڪيو ويو، انھن زخمين مان ھڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي.

ٽن ڏينھن لاءِ ڪرفيو لاڳو

واضح رھي تھ 29 جولاءِ تي باجوڙ انتظاميھ ضلعي جي 16 ھنڌن تي ٽن ڏينھن لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ھو، انتظاميھ موجب ڄاڻايل علائقن ۾ شدت پسندن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ھو، شدت پسندن خلاف جاري رھندڙ آپريشن ٻن ڏينھن کانپوءِ ختم ڪيو ويو ھو، آپريشن جي ختم ٿيڻ کانپوءِ لاڳو ڪيل ڪرفيو ٻن ڏينھن اندر ئي ختم ڪيو ويو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں