خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ مارجي ويل 17 دهشتگردن مان هڪ بنگلاديشي شهري نڪتو آھي.
پاڪ فوج جي انٽر سروس پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ، آءِ ايس پي آر موجب ملا نذير گروپ جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي خيبر پختونخواهه جي علائقي لڪي مروت ۾ 26 ۽ 27 سيپٽمبر تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيو، جنھن ۾ پاڪ فوج، اسپيشل سروسز گروپ ۽ سي ٽي ڊي حصو ورتو.
سڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس آپريشن ۾ ڀارتي حمايت يافتہ ملا نذير گروپ جا 17 دھشتگرد مارجي ويا ۽ 7 کان 10 زخمي پڻ ٿيا آھن.
سڪيورٽي فورسز موجب، مارجي ويل فتنہ الخوارج دهشتگرد مختلف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
جاچ اختيارين موجب، دتہ خيل آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ بنگلاديشي شهري طور ٿي آهي، جنهن جي قبضي مان هڪ بنگلاديشي سڃاڻپ ڪارڊ، ڪرنسي ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن.
جاچ ڪندڙ عملدارن جو چوڻ آهي تہ اڳوڻين ڪاررواين ۾ 2 کان 3 بنگالي شهري مارجي چڪا آهن.
جاچ اختيارين موجب، اهي ماڻهو مبينا طور تي تبليغي سرگرمين لاءِ افغانستان ويا هئا، جتي انتها پسند گروپن انهن جو برين واش ڪري کين پنهنجي نيٽ ورڪ ۾ ڀرتي ڪيو هو.
جاچ ڪندڙ عملدارن جو چوڻ آهي تہ بنگلاديشي اختيارين پاڪستاني انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ٻن ماڻهن کي گرفتار بہ ڪيو.